فاروق جمالي فائونڊيشن جي آفيس جو افتتاح

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) فاروق جمالي فائونڊيشن جي نالي سان منسوب سماجي تنظيم جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو. سردار رفيق احمد جمالي ايم اين اي صدر پ پ پ ضلع دادو چيئرمن گورک ھل ڊولپمينٽ اٿارٽي سردار عامر فاروق جمالي سي اي او فاروق جمالي فائونڊيشن، سردار امير احمد جمالي، سردار سعيد احمد جمالي،سردار زاده جنيد رفيق جمالي، سردار زاده اسد خان جمالي،سردار زاده احسان خان جمالي، سردار فاروق احمد جمالي جي نالي سان( فاروق جمالي فائونڊيشن) جي آفيس جو افتتاح ڪيو،

Photo Sindhyar

افتتاحي  تقريب کي خطاب ڪندي سردار رفيق احمد  جمالي چيو ته  ڪيتري عرصي کان فاروق جمالي فائونڊيشن غريب مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪندي پئي اچي، سي اي او سردار عامر  فاروق جمالي پھنجي خطاب ۾ چيو ته اسان غريب عوام جي پھرين به  خدمت ڪئي آھي ھينئر به بنا ڪنھن مت ڀيد پارٽي کان بالاتر ٿي ڪم ڪنداسين، ان موقعي تي سردار ڊاڪٽر بنده علي خان لغاري اسپيشل اسسٽنٽ سي ايم سنڌ، ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري ايم پي اي، سميع الله نثار شيخ ڊي سي دادو، اعجاز احمد شيخ ايس ايس پي دادو،   غلام شبير ابڙو،سردار زاده عمير خان جمالي، رئيس بابن خان پھنور، قاضي امتياز قريشي، علي قاضي قريشي، خالد حسين ميراڻي، مرتظى گل حسن قمبراڻي، شاھ جھان چنه،خليل شيخ، عرفان سولنگي، محمد حسن قمبراڻي  ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته فاروق جمالي ايس ايس پي هو ۽ سندس وفات بعد هن جي نالي سان منسوب خيراتي ادارو قائم ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو