غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ حماس ڪمانڊر سميت 20 ڄڻا قتل

يروشلم (ويب ديسڪ)غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ حماس جي ڪمانڊر سميت 20 فلسطيني مارجي ويا آهن. ڪيترن سالن بعد فلسطين ۾ هي وڏي خونريزي آهي جنه ۾ هڪ ڏينهن ۾ ايتريون جانيون ضايع ٿيون آهن. اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته سندن فوج مٿان راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن سبب حماس جي 8 جاين کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ مارجي ويل شدت پسند هئا. غزه جي اترين پاسي هڪ نامعلوم ڌماڪي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 3 ٻارڙا به شامل آهن. اسرائيل ۾ قبله اول مسجد الاقصيٰ ۾ آخري جمعي تي القدس ڏينهن جي موقعي تي فلسطيني مسلمان جڏهن عبادت ۾ مصروف هئا ته اسرائيلي فوج کين روڪيو ۽ جهڙپون شروع ٿيون هيون جن ۾ 300 کان مٿي فلسطيني زخمي ٿيا هئا. اسرائيلي فوج مٿن ڳوڙها گيس، رٻڙ جون گوليون، واٽر ڪينن ۽ اسٽن دستي بم اڇلايا هئا. اسٽن بم سبب ڇند سيڪنڊن لاءِ ماڻهو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويندو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته جيڪو فوج تي حملو ڪندو ته ان کي ڀرپور جواب ملندو. ياد رهي ته 10 مئي سومر تي اسرائيلي فورسز يروشلم تي 1967 جي 6 ڏينهن واري عرب اسرائيل جنگ ۾ قبضي جو جشن ملهايو، ان موقعي تي اسرائيلي ۽ فلسطيني عوام ڌار ڌار جلوس به ڪڍيا.

پهنجو تبصرو موڪليو