غزه تي اسرائيلي بمباري، شهيدن جو انگ 35ٿي ويو

غزه(ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين شهيدن جو انگ 35 ٿي ويو آهي.اسرائيلي فورسز پاران فلسطين ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو جنهن سبب ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جو ڍير بڻجي ويو.فلسطيني صحت جي وزارت ٻڌايو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 35 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن جن جي طبي امداد جاري آهي.فلسطيني تنظيم حماس جي بمباري سان اشڪيلون ۾ اسرائيل جي تيل جي پائپ لائن تباهه ٿي وئي، جڏهن ته اسرائيل ۾ شهرين کي بنڪر جي ويجهو رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.اسرائيل جي بچاءَ واري وزير ڌمڪي ڏني آهي ته غزه تي هوائي حملا اڃان ته شروعات آهي، وڌيڪ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻائينداسين.ٻئي طرف حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه ان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته اسرائيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ يا وڌائڻ چاهي ٿو فلسطيني ٻنهي لاءِ تيار آهن.هوڏانهن اسرائيل جي شهر لد ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، يهودين ڪيترين کي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نيتن ياهو لد ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو