غريبن ۾ راشن ورهائيندڙ استاد گرفتاري بعد آزاد

دڙو (امداد ميمڻ) معزز استاد، سماج سڌارڪ ۽ سنڌ پيپلزيوٿ تعلقي ميرپوربٺورو جي اڳوڻي صدر سائين محمد حسن سومرو طرفان سرندي وارن جي سھڪار سان پنھنجي مدد پاڻ تحت لکين روپين جي لاڳت سان آندل امدادي راشن وارو سامان  غريبن ۾ ورھائڻ دوُران دڙو پوليس جي اٽالن سندس رھائش گاھ تي چڙھائي ڪري تذليل بعد کيس گرفتار ڪري ورتو. سجاول پوليس جي ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر جي حڪم تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن سائين حسن سومرو جي گھر آڏو گڏ ٿيل سوين متاثر عورتن ۽ ٻين ماڻھن کي ڇڙوڙ ڪري ڀڄائي ڇڏيو. دڙو پوليس گرفتار ٿيل استاد سائين محمد حسن سومرو مٿان قلم 144 جي خلاف ورزي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي گرفتار استاد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ بيروزگار بڻيل غريب پورھيت طبقي جا ماڻھو ماني جي ڳڀي لاء پريشان آھن. جڏھن ته سرڪار فقط انھن ماڻھن کي امداد ڏيڻ جا دلاسا ڏئي وڌيڪ پريشان ڪري رھي آھي. اھڙي ڳنڀير صورتحال ۾ اسان ڪراچي سميت ٻين شھرن جي سرندي وارن ماڻھن سان رابطو ڪري غريب ۽ بي سھارا ماڻھن ۾ امدادي راشن ورھائڻ کان اڳ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او ۽ مختيارڪار بٺورو کي اطلاع ڪيو ھو پر ڪنھن به دڙو پوليس سميت ڪنھن به سرڪاري کاتي ڪابه موٽ نه ڏني ۽ نه ئي سيڪورٽي ڏني ويئي. ھن وڌيڪ چيو ته کيس خوشي ٿي آھي ته مون کي بي سھارا ۽ غريب ماڻھن جي خدمت ڪرڻ تان گرفتار ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن دڙو جي مختلف شھرين, سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اعجاز اختر ميمڻ, شيرازي گروپ جي اڳواڻ علي اڪبر عيساڻي, اڪبر ڀنڀرو, پيپلز يوٿ جي تعلقي صدر محمد صديق ميمڻ, محمد خان ڪڇي شھرين علي رضا ڪڇي, اقبال سومرو, امداد ميمڻ, عثمان سومرو ۽ ٻين پاران  استاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سائين حسن سومرو جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي کيس هڪدم آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف سجاول يونين آف جرنلسٽ جي صدر سورج سجاولي ايس پي سجاول سان ڳالهائڻ بعد شخصي ضمانت تي استاد کي آزاد ڪرائي وتو.

پهنجو تبصرو موڪليو