عيد کانپوءِ اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي، شبلي فراز

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته عيد کانپوءِ اپوزيشن جي (اي پي سي) جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي. هن چيو ته عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ جو ڪو وجود نه آهي، اپوزيشن وارا مائينس ون ۽ ٽُـو جو شوشا ڇڏي رهيا آهن، عمران خان مائينس ٿيو ته سڄي پي ٽي آءِ مائينس ٿيندي.شبلي فراز اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌُر ذاتي مفادن لاءِ نيب قانون تي سوديبازي چاهي ٿي، ڀلي حڪومت هلي وڃي پر نيب قانون تي اپوزيشن کي اين آر او نه ڏينداسين. هن چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي قانون سازي ملڪ لاءِ آهي اپوزيشن وارا بارگين ڪرڻ چاهين ٿا جنهن کان اسين انڪار ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) بابت سوال تي هن چيو ته هنن جا ڪيترائي ميمبر پي ٽي آءِ جي قيادت سان رابطي ۾ آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو پهرين سنڌ کي سنڀالي، هن ذاتي مفادن لاءِ ملڪي مفادن جي قرباني ڏئي هڪ قومي پارٽي کي علاقائي پارٽي بڻائي ڇڏيو آهي، اي پي سي سڏائيندڙ سياسي طور بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ عيد کانپوءِ سندن ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو