عيد تي يتيم ٻارڙن کي ڊي سي خيرپور پاران تحفا پيش

خيرپور(سجا علي ڪٻر)ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو  پاران ايس او ايس وليج خيرپور جو دورو ڪري عيد جو ڏهاڙو هنن يتيم ٻارڙن سان گذاريو، ٻارڙن ۾ سوکڙيون ،تحفه ۽ مٺايون تقسيم ڪيون . ان موقعي تي ڊي سي خيرپور چيو ته هي اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ اسين هنن جا وارث آهيون هنن ٻارن جي تعليم ، تربيت ۽ مختلف ضرورتن جي سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو ۽ هنن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته سڀ ٻار هڪ جيتري حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا انهن جا حق به هڪجهڙا آهن انهن ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت جو ماحول فراهم ڪري انهن جي روشن مستقنل جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي هنن ٻارن سان وقت گذارڻ جو مقصد هنن ٻارن سان ملڻ ، پيار ڪرڻ، هنن مان مايوسي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ سندن مسئلا ۽ ضرورتون معلوم ڪرڻ آهي. ڊي سي پاران ايس او ايس وليج انتظاميه کان ايس او ايس وليج ۾ موجود ٻارڙن جي تعليم، تربيت، کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ صفائي سٿرائي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، اڊيشنل ڪمشنر اقبال حسين جنڊران, روٽيرين رضوان احمد روٽري  انٽرنيشنل ، روٽيرين ڊاڪٽر سھيل مجيداڻو روٽري ڪلب خيرپور ڊيٽس ويلي ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو