عورت مارچ جاڳرتا مهم، ملن جي مخالفت، عدالت ۾ چيلينج

سکر(امداد علي ڪلوڙ) عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح 8 مارچ  تي سکر ۾ رٿيل  عورت آزادي مارچ جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ پير جو ڳوٺ پهتيون. هنن جو پير جو ڳوٺ پهچڻ تي  ھوپ پاڪستان ۽ فيمس تنظيم شاندار آجيان ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي عرفانه ملاح ،امر سنڌو ،گل جان جماڻي ، نبيلا چنا ۽ ٻين چيو ته  ھن سال سنڌ جون سوين عورتون ۽ مرد 8 مارچ تي سکر ۾ گڏ ٿي عورتن جي عالمي ڏھاڙي کي ملھائينديون. سکر ۾ عورت آزادي مارچ ۾ شريڪ سوين عورتون دنيا جي عورتن جي آواز  سان پنھنجو آواز ملائي  سگهنديون. هنن چيو ته سکر کان جھدوجھد جو آغاز ان ڪري به  ضروري آھي ته  ھڪ پاسي عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوھن ۾ اتر سنڌ عورتن لاءِ مقتل گاھ بڻيل آھي جتي عورت کي جانورن جيان ڪٺو ڪيو وڃي ٿو ان جي خون تي سوديبازي لاءِ سردارن جي جرڳن جو جھان ھلي ٿو ۽ راڄوڻي فيصلن ۾ عورتن جو وڪرو ٿئي ٿو. هنن اميد ڏيکاري ته عورت آزادي مارچ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڃاھ وند شريڪ ٿي عورت لاء آزادي فرد جيتري برابري ڏيڻ جي گهر ڪندا. هوڏانهن جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود مارچ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سندن جماعت عورت مارچ منعقد ڪرڻ نه ڏيندي. ٻئي پاسي لاهور ۾ ضلعي انتظاميه جي اجازت سان عورت مارچ جا پوسٽر لڳايا ويا ته اهي چند ڪلاڪن ۾ ڦاڙيا ويا.

ٽوئٽر تي ٺاهيل عورت مارچ گروپ ان جي مذمت ڪئي آهي. هوڏانهن اظهر صديق نالي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ م عورت مارچ روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي جيڪا ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو