عورت مارچ جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا ريلي، پي پي جي حمايت

سکر(جيرام داس بختيارپوري) سکر ۾ عورت آزادي مارچ بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، امر سنڌو چيو آهي ته مارچ خلاف بي بنياد مفروضا جوڙيا پيا وڃن، 8 مارچ تي سنڌ جي عورتن کي صدين کان وڌل غلامي جون زنجيرون ٽٽي وينديون، 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران سکر ۾ رٿيل مک “عورت آزادي مارچ” بابت ڪالهه سکر ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. امر سنڌو، عاليه بخشل، ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو، ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ، ادل سومرو، ممتاز بخاري، ديدار ميراڻي، نشا ڪنول۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي عورتن جي حقن بابت نعرا ۽ مطالبا لکيل هئا. ريلي کي خطاب ڪندي امر سنڌو ۽ ٻين چيو ته، عورت جي آزادي ۽ متحرڪ ٿيڻ کان ڊنل ڌريون عورت آزادي مارچ بابت بي بنياد مفروضا جوڙي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سکر ۾ رٿيل عورت آزادي مارچ 12 واضح نقطن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪو نامناسب مطالبو، نعرو يا پلي ڪارڊ شامل ناهي. عورت مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙ هزارين عورتون ۽ انهن جا ڀائر عورتن کي آئين ۾ مليل حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪندا، مارچ پدر شاهي نظام، ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، ملڪيت ۾ عورت جي حصيداري، عورتن تي گهريلو تشدد، عورت کي برابر فرد جي حيثيت ڏيڻ جهڙن بنيادي ۽ آئيني حقن جي گهر ڪريون ٿا. هنن چيو ته 8 مارچ تي سنڌ جون هزارين عورتون صدين کان مرداڻي سماج پاران مٿن وڌل غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد کي تيز ڪرڻ جو اعلان ڪنديون. ***ٽنڊو مستي ( نادرعلي اڄڻ) پيپلزپارٽي جي صوبائي اڳواڻ پير سيد حسين شاه جيلاني عورتن جي مارچ  جي حمايت ڪندي چيو آهي ته  معاشري ۾ عورتن جي حقن کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ عورتن کي اسلام طرفان مليل حق ڏنا وڃن، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ملڪ جي پھرين وزير اعظم ٿي ھئي ته  غلط سوچ رکندڙ ماڻهن مخالفت ڪئي پر محترمه بينظير ڀٽو ھن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري عورتن جو ڳاٽ اوچو ڪري  پنهنجو نالو دنيا مڃرايو اھڙو اظهار  ٽنڊو مستي ۾ پيپلزپارٽي جي يوسي آفيس ۾ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو، پ پ اڳواڻ سيد حسين شاه جيلاني وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ عوام هاڻ ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آهي ، ملڪ جو ڪو شعبو صحيح واٽ تي ناهي معيشت جو جنازو نڪتل آهي. ان موقعي تي رئيس مدثر خان مري ،سماجي اڳواڻ اظھر ابڙو ،وڏيرو مختيار حسين لنجواڻي، سڪندر علي نوناري، غلام حسين خاصخيلي مير محمد اڄڻ، ظھور علي ميتلو محمد علي اڄڻ ۽ ٻيا ڪارڪن پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو