عورت جي قتل ڪيس جي 5 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

سکر(بيورو رپورٽ)ماڊل ڪورٽ پنج جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،   ماڊل ڪورٽ سکر گهرو اڻبڻت تان قتل ٿي ويل عورت جي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت سال 2020 ۾ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي ويل عورت بيبي نجمه شاهه جي قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. قيد جي سزا ٻڌايلن ۾ جوابدار رزاق. آصف. بشير. پيرل ۽ ڪاشف شاهه شامل آهن. عدالت گهرواري نجمه جي قتل ڪيس ۾ مڙس رسول شاهه کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. عورت جي قتل واري واقعي بعد پوليس مڙس رسول شاهه. رزاق. آصف. بشير کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو. نجمه شاهه جي قتل ڪيس ۾ ٻه جوابدار پيرل ۽ ڪاشف شاهه ضمانت تي آزاد هئا عمر قيد جي سزا بعد هٿڪڙيون هڻائي کين جيل موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو