عورت اڳواڻ کي وڏيري پاران ڌمڪائڻ خلاف احتجاج

ڳڙهي ياسين )ن س)شڪارپور جي سماجي اڳواڻ ۽ ھيومن رائٽس ايڪٽوٽس، تعليمي ماهر فرزانه سيال کي بااثر وڏيري شفيق جيھو پاران موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حراسان ڪرڻ تي  سماجي اڳواڻ احتجاج ڪندي چيو ته هوءَ ڌمڪين کان ڊڄڻ واري ناهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته هوءَ شڪارپور ضلعي اندر  تعليمي حوالي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رھي آھي. هن الزام هڻندي چيو ته با اثر وڏيرو شفيق جيهو مون کي  بليڪ ميل ڪري حراسان ڪري رھيو آھي . مون اهڙي شڪايت ڊي ايس پي، ڳڙهي ياسين سميت ضلعي  انتظاميه کي ڪئي پر با اثر خلاف ڪو به  ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف هيومن رائيٽس اڳواڻ شفيق مهر، فدا حسين ڊکڻ سٽيزن فورم اڳواڻ قادرداد مھر  صحافين کي ٻڌايو ته ڪيتري عرصي کان  عورت اڳواڻ فرزانه سيال جيڪا تعليم جي حوالي سان ڏينهن رات ڪم ڪري آهي تنهن کي ڪجهه شر پسند ۽تعليم دشمن عناصر  حراسان ڪري موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، ھنن چيوته ايس ايس پي شڪارپور کي با اثر وڏيري خلاف ڪاروائي ڪرڻ گھرجي.هوڏانهن ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين عطا محمد عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت اڳواڻ جي شڪايت ملي آهي، ڪنهن کي ناجائزي ڪرڻ نه ڏني ويندي  عورت اڳواڻ کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو