عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ 6 ارب روپين جي پروگرام جو افتتاح

گهوٽڪي(رپورٽ سليم فضل ڪلهوڙو ۽ لال چند موٽواڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام جي نالي تي عورتن جا حق ڦٻائڻ غلط آهي بينظير انڪم سپوٽ پروگرام جو نقل ڪري ان پروگرام کي احساس جو نالو ڏنو مگر احساس وارن کي عوام جو ذرو به خيال نه آهي. اهڙو اظهار هن گهوٽڪي ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو,سندس چوڻ هو ته عورتن کي حق اسلام ئي ڏنا آهن ۽ انهي حق جو استعمال ڪندي  بينظير ڀٽو پاڪستان کي ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻي اسلام کان اڳ عورت جي زندگي انتهائي رحم جوڳي هئي .

Photo by DC Office

وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته خان صاحب 50 لک گهر بنائڻ جو واعدو ڪيو هو ليڪن اوهان ئي ٻڌايو ته اوهانجي علائقي ۾ خان صاحب  ڪو هڪ گهر اوهان لاء بڻايو هجي سندس چوڻ هو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي اسانجي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو فاٽا کان ويندي گوادر تائين عورتن کي رقم ملي پي پي جي حڪومت ايندي ته ساڳي پروگرام کي صحيح طريقي سان هلائينداسين. هن چيو ته عورتڻ کي پاڻءرو ڪرڻ وارو  هي پروگرام سنڌ جي 15 ضلعن ۾ هلي رهيو آهي جنهن سان 13 لک خاندان فائدو کڻي رهيا آهن جنهن جي ذريعي قرض ملي رهيو آهي ۽ هو پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيا آهن جڏنهن ته 23 هزار کان وڌيڪ گهر ٺهي چڪا آهن بلدياتي انتخاب جي لاءعورتن ۽ نوجوانن جون سيٽون رکيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ضلعي گهوٽڪي ۽ سکر جي غريبن عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ غربت کي گهٽائڻ بابت پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام جي نالي سان شروع ڪيل هن پروگرام جو بلاول ڀٽو زرادري ۽ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه افتتاح ڪيو، ضلعي گهوٽڪي جي هڪ لک خاندانن کي فائدو پهچندو، اسپورٽس ڪمپليڪس گهوٽڪي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر، ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه، صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي، صوبائي وزير مڪيش ڪمار، ڊي سي گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ، ايس ايس پي عمر طفيل، پ پ جي صوبائي صدر نثار کهڙو ۽ سرسو جي سي اي او ڏتل ڪلهوڙو سميت هزارن جي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي.

Photo by DC Office

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي عورتن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مشن آهي، اهو ئي سبب آهي ته پ پ  پنهنجي حڪومت دوران پوري ملڪ جي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ خاطر بينظير انڪم سپورٽ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو جنهن تي ان وقت جي اپوزيشن اڳواڻن تنقيد ڪئي پر بعد ۾ جڏهن سندن حڪومتون آيون ته پ پ جي نظريي کي جاري رکڻ تي مجبور ٿي ويا، جن کي عوام جو ڪو احساس ئي ناهي انهن پروگرام جو نالو مٽائي احساس رکي ڇڏيو پر کين خبر هجڻ گهرجي ته محترمه کي ڪنهن به صورت ۾ عوام جي دلين مان نه ٿو ڪڍي سگهجي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڀلي ڪهڙي به نالي يا تصوير سان هلي پر اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو آهي جنهن تي هن وقت به عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي  اهڙي غربت گهٽائڻ واري نظريي کي ورلڊ بينڪ سميت بين الاقوالي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن کي مضبوط ڪنداسون ته گهر مضبوط ٿيندا، گهر مضبوط ٿيڻ سان خاندان مضبوط ٿيندا اهڙي ريت صوبا ۽ ملڪ به مضبوط ٿيندو. هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عورتن کي حق فراهم ڪيا آهن پر ڪجهه لاشعور ماڻهو مذهب جي آڙ وٺي عورتن کان حق کسڻ چاهن پيا جيڪو سراسر غلط ۽ اسلام جي درس جي ابتڙ آهي، هن چيو ته مون کان منهنجي امڙ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي کسيو ويو پر هي ملڪ جون سموريون عورتون سندس امڙ وانگر آهن جن جي هو خدمت ڪرڻ گهري ٿو. پ پ چيئرمين وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جو عوام خان صاحب واري مهانگائي جي طوفان ۾ ٻڏي رهيو آهي اهڙي ۾ سنڌ حڪومت پاران  گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي مستحق عورتن لاءِ 6 ارب روپين جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن سان ڪيترن ئي غريب عورتن کي گهر به ملندا.

Photo by DC Office

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران صرف سرسو تحت سنڌ ۾ 23 هزار گهر قائم ڪيا آهن جڏهن ته ٻئي طرف 50 لک گهرن جو اعلان ڪندڙ خان صاحب هڪ گهر به تعمير نه ڪرايو. ان کان اڳ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي منشور  ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب تحت سنڌ حڪومت پاران 2008 ۾ سرسو سان گڏجي غربت گهٽائڻ وارو پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر جي غريب عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻايو ويو، پروگرام جي ڪاميابي ڏسڻ بعد 2017 ۾ بدين، خيرپور، سانگهڙ، ميرپور خاص، ٺٽو ۽ عمر ڪوٽ ۾ پروگرام شروع ڪيو ويو، يورپي يونين پروگرام کان متاثر ٿي تعاون فراهم ڪيو اهڙي ريت ٽنڊو محمد خان، سجاول، مٽياري، ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو، ٽنڊوالهيار ۾ پڻ پروگرام جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته شهرن جي ڪچي آبادي سميت رهجي ويل ضلعن ۾ به جلد اهڙو پروگرام شروع ڪري مستحق عورتن کي سندن حق فراهم ڪيا ويندا. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران هن وقت تائين 33 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سکر ۽ گهوٽڪي لاءِ 6 ارب روپيا رکي ڇڏيا آهن جنهن تحت ٻنهي ضلعن ۾ چار سالن تائين پروگرام جاري رهندو. ان کان اڳ سنڌ حڪومت جي پروگرام مان لاڀ حاصل ڪندڙ مختلف علائقن جي 20 عورتن اسٽيج تي اچي پنهنجي پنهنجي ننڍن ڪاروبارن بابت معلومات فراهم ڪئي. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان عبدﷲ خطاب ڪندي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ سمورين عورتن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته عورتن نظم و ضبط کي قائم رکي مثال قائم ڪيو آهي جنهن سان انتظام سنڀالڻ ۾ ڀرپور مدد ملي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو پروگرام گهوٽڪي جي غريب عورتن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو