عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل نوجوان اغوا کان بچي ويو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل ملتان واسي نوجوان محمد رمضان گولي کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. هن کي جاگيراڻي گينگ جي ڏوھارين عورتاڻي آواز تي ھرکائي شادي جي بھاني گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھيو  جيڪو ٽيليفون جي جديد ٽريسنگ واري نظام تحت ناڪام بڻايو ويو.  ايس ايڇ او غلام سرور ٻرڙو ٻڌايو ته جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين  عورتاڻي آواز ۽ شادي جي بهاني  دوکي سان اغوا جو منصوبو جوڙيو ھيو جيڪو پوليس ناڪام بڻائي کڏيو. ٻئي پاسي ڏوھاري پوليس جي اچڻ جو ٻڌي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو