عوام سليڪٽڊ سان گڏ سليڪٽرز جو به احتساب ڪند،بلاول

پشاور (خصوصي رپورٽ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سليڪٽد حڪومت جنوري ۾ ختم ٿي ويندي،  ڪي پي ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جهموري حڪومت ختم ڪئي، سليڪٽيڊ حڪمران ايڏا ته بزدل آهن جو دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف ڳالهائي نٿا سگهن، سليڪٽيڊ جي حڪومت آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارڻ جي قاتلن کي اين آر او ڏنو، اسانجي ٻارن جي قاتل احسان الله احسان کي اين آر او ڏنو ويو، هاڻي سليڪٽيڊ حڪمرانن سان گڏ سليڪٽرز جو به عوام احتساب ڪندو. بلاول چيو ته فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ اسانجي پارٽي جو منشور هو اڄ اهو پورو ته ٿيو پر فاٽا جي ماڻهن کي حق نه مليا آهن، آپريشن سبب ماڻهن جا گهر ۽ ڪاروبار تباهه ٿيا کين معاوضو نه مليو. هن چيو ته نيب انتقامي ڪاروائي ڪري پيو انهن سڀني کان حساب وٺبو، بي آر ٽي پشاور مهانگو منصوبو آهي بسن ۾ ڪڏهن باهه ٿي لڳي ته ڪڏهن ته ڌڪا ٿا ڏين ڇا نيب کي اهو ڪجهه نظر نٿو اچي.

PDM leaders in Peshawar, screen shot

هن چيو ته نيب ۾ همت ناهي جو معاون خصوصي کان پڇي ته هن پوري دنيا ۾ پاپا جان امپائرڪيئن ٺاهي؟ بلاول چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو هڪ قانون ناهي سياستدانن، فوجي جرنيلن ۽ ججن لاءِ ڌار ڌار قانون آهن. بلاول پشاور هاءِ ڪورٽ جي تازو فوت ٿيل چيف جسٽس سيٺ وقار احمد کي خراج پيش ڪندي چيو ته هن طاقتور ادارن خلاف به فيصلا ڏنا ۽ فوج جي حراستي مرڪزن کي ختم ڪرڻ  ۽ اهي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر بدقسمتي سان ان تي عمل نه ٿيو. هن چيو ته پشاور جلسو حڪومت خلاف ريفرينڊم آهي، هن گو عمران گو ۽ ووٽ تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا ه هڻايا. سندس تقرير جاري هئي ته مريم نواز جي درخواست تي هن تقرير روڪي ۽ نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز لنڊن ۾ ڏاڏي جي لاڏاڻي جو ذڪر ڪندي چيو ته مان اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ لاءِ آيس پر ڏاڏي جي وفات سبب وڃان پئي. هن چيو ته منهنجي ڏاڏي جي مغفرت ۽ نواز شريف جي صحت لاءِ دعا ڪجو.

پهنجو تبصرو موڪليو