عوام جي سهولت لاءِ اٽي، گيهه ۽ کنڊ جا اسٽال لڳايا آهن؛ ڊي سي

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ضلعي انتظاميه پاران ڪنڌڪوٽ ۾ عوام جي سهولت لاءِ شهر اندر سستي اٽي، گيھ ۽ کنڊ جا اسٽال لڳايا  ويا آهن جنهن مان عوام وڌ کان وڌ فائدو وٺي. اهڙا اسٽال سڄي ضلعي اندر لڳايا ويندا. آهڙن خيالن جو اظهار ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي.اسٽالن جي دوري ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اٽي جو اگھ 46 روپيه ڪلو، گيھ 175 روپيه ۽ کنڊ جو 75 روپيه مقرر ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر  چيو ته سنڌ سرڪار جي اولين ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ فائدو رسائين. هن دوڪاندارن، واپارين کي هدايت ڪئي ته هو روزاني استعمال ٿيندڙ شين جي مقرر ٿيل اگهن جي لسٽ مناسب جاءِ تي لڳائين ۽ ان مطابق  شيون وڪڻن. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور  اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ ريٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا  اچانڪ دورا ڪن ۽ وڌيڪ منافعو وٺندڙن  خلاف ڪارروائي ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو