عوامي آواز جي آفيس تي پوليس جي ڪاهه، صحافي تي تشدد

میرپورماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير) جروار ۾ عوامي آواز جي آفيس تي ايس ايس پي گهوٽڪي جي اسپيشل ٽيم جي انچارج شعبان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ پوليس چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪندي صحافي خالد بوزدار تي تشدد ڪري ليپ ٽاپ، ٽي وي ۽ موبائل فون پاڻ سان گڏ کڻي ويا. پوليس جي اهڙي حرڪت خلاف جروار پريس ڪلب جي صحافين جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين سڪندر بوزدار، علي گوهر گبول، فيض گبول ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسپشل ٽيم جي انچارج شعبان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ بنا جواز چڙھائي ڪري صحافي مٿان تشدد ڪيو ۽اتان آفيس مان ليپ ٽاپ ٻيو سامان کڻي ويا آھن اسان ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڊي آءِ بي انچارج ذاڪر شاه ۽ اسپيشل ٽيم جي انچارج شعبان چاچڙ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو