عمران ۽ بلاول جا ستارا گردش ۾ ، سياسي تبديلي جو امڪان

عمر ڪوٽ (ن سنڌيار) هندي ايسٽرولوجي، جي نامياري ماهر ڀڳوانداس جٽيا پيشگوئي ڪئي آهي ته 15مئي کان 15 آگسٽ تائين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم عمران خان لاءِ آزمائش جو وقت آهي. ٻنهي جو برج ثور آهي، جنهن جي طالع ۾ شمس ۽ عطارد گڏ 15 مئي تي داخل ٿيندا. جنهن سبب پنهنجن پراون، اندروني ۽ بيروني تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ هي ڪڙو آزمائش جووقت هوندو. عمرن خان جي ستاري جي ڏهين خاني ۾ سيپٽمبر بعد مشتري داخل ٿيندو جيڪو سٺي وقت جي علامت آهي. تيستائين کيس احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو. ان عرصي ۾ هو دٻاءُ ۾ رهندا ۽ سياسي طور ايوان جي اندران تبديلي به اچي سگهي ٿي. هندي ايسٽرولاجي، جي لال ڪتاب موجب ڪيل پيشنگوئي ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آصف علي زرداري جي قسمت جو وڏو عروج جو ستارو مشتري 15اپريل کان سندس زائچي جي يارهين خاني ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جيڪو سياست ۾ وڏو چانس ڏيندو، آصف زرداري جي طالع ۾ شمس گڏ ھئڻ جي ڪري سندس طبيعت ۾ جذباتي پن ۽ ٽينشن رھندو جيڪو 15جون تائين برقرار رھندو ، کيس جذباتي ٿيڻ کان پرهيز ڪرڻ ۽ ڪمپرومائيز کان ڪم وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو