جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪريو، ماڻهو پريشان آهن، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سيڪورٽي ادارن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا سبب خلق پريشان آهي اهڙي ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ جي پاليسي تي عمل معطل ڪيو وڃي. جڏهن حالتون بهتر ٿين ته سڀ اسٽيڪ هولڊر گڏجي ان بابت نئين پاليسي ٺاهين.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ سياستدان آهي، هي جمهوريت، معيشت ۽ ملڪ لاءِ خطرو آهي. سنڌ اسمبلي جي آڊيٽوريم ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران سندس رويو تمام گهڻو جارحاڻو نظر آيو. هن الزيم هنيو ته نيب سوڌو سمورا ادارا وفاقي حڪومت جي ڪرپشن لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سليڪٽرز کي جواب ڏيڻو پوندو ته جنهن کي ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ سليڪٽ ڪيو، اُن ئي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، پنجاب جي هيڏي وڏي ڪرپشن تي ڪو به سوال نه پيو ڪري، بي آر ٽي جي خرچي مان پي ٽي آءِ جو ڪچن هلي ٿو، بي آر ٽي تي اسٽي ختم ڪري نيب ۽ عدالت ڪم ڪن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي آر ٽي جو ڪانٽريڪٽر علي زيدي جو فرنٽ مين آهي، عمران خان مشرف جي ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو، عالمي توڙي ملڪي رپورٽس موجب هي حڪومت ڪرپٽ آهي، ميڊيا پي ٽي آءِ جي ڪرپشن جي ڊرامي کي وائکو ڪري، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته صوبن جو حصو ڪٽي اسلام آباد کي کارايو پيو وڃي، هن حڪومت جي هر سياسي انجنيئرنگ خلاف وڙهنداسين، سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ سهولتون ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي، سڄي دنيا ٽيسٽنگ وڌائي پئي هي حڪومت گهٽائي پئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ڄاڻي واڻي ٽيسٽ گهٽ ڪرائي پئي، عمران خان ڪشمرين کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي مودي جي شروع کان مخالفت ڪئي آهي، عمران خان مان ملڪ کي خطرو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪشمير ڪاز کي نقصان رسايو آهي، صوبن کي وڌيڪ فنڊز جي ضرورت وقت گهٽ ڏنو ويو، سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن باوجود بهتر بجيٽ پيش ڪئي، سنڌ پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ڪا نئين اسڪيم ناهي رکي، هن چيو ته آبادگارن جون زمينون ماڪڙ سبب خطري ۾ آهن، اسان ڪيس تائين هن نالائق حڪومت کي ڀوڳيندا رهنداسين، نيب ۾ ٻٽو معيار نه آهي ته بي آر ٽي تي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي ڪيس کي انجام تائين ڇو نٿو پهچايو وڃي،  پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ هلائيندڙ ابراج گروپ جي عمران خان سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، اُن لاءِ بل گيٽس جي پروگرام کي به لُٽيو ويو، ايف آءِ جي اها رپورٽ لڪائي وئي آهي جيڪا پڌري ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو