عمران خان وٽ 11 ڏينهن آهن استعفيٰ ڏئي گهر وڃي،مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان وٽ 11 ڏينهن آهن، بهتر آهي ته عزت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، ٻئي صورت ۾ عوام کيس گهرڀيڙو ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪمران گجرانوالا کان ملتان تائين پي ڊي ايم جا جلسا روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. هن چيو ته لاهور جلسي ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ جو حڪومتي اعلان پهرين فتح آهي، ووٽ چور حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي، قومي ناڻو لٽيندڙ حڪمرانن کان حساب وٺڻ جا ڏينهن ويجهو اچي ويا آهن، لاهور وارو جلسو حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو