عمران خان سميت اهم ماڻهن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مختلف ملڪن پاران اسرائيلي جاسوسي جي سافٽ ويئر سان حڪومتي سربراهن، بادشاهن،شهزادن، وزيرن ۽ حڪومتي نمائندن، ڪامورن، صحافين، انساني حقن جي اڳواڻن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. دنيا جي 17 ميڊيا ادارن پاران ڪيل کڍگڏيل تحقيقاتي رپورٽ جيڪا آچر تي شايع ڪئي وئي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت طرفان ان سافٽ ويئر ذريعي پنهنجي ملڪ ۾ اپوزيشن ليدر راهول گانڌي سان گڏوگڏ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي استعمال هيٺ رهندڙ هڪ نمبر به ڀارتي هيڪنگ جو حصو رهيو. واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ڀارت اسرائيلي ڪمپني جي سافٽ ويئر ”پيگاسس“ جي ذريعي وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبرن جا فون ڪالز ۽ ميسيجز ريڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي. اهڙي خبر ڪجهه مهينا اڳ به جاري ٿي هئي جنهن بعد پاڪستان جي فوجي قيادت واٽس ايپ استعمال نه ڪرڻ ۽ ان جهڙي ايپ پاڪستان ۾ ٺاهڻ جو اعان ڪيو ويو هو. خيال رھي تھ آمريڪي اخبار جاسوسي جي اسرائيلي نظام سان پاڪستان سميت ڪئي ملڪن جي شخصيتن جا فون ھيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آھي. امريڪي اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ فرانسيسي ميڊيا گروپ جي گڏيل تحقيقاتي رپورٽ موجب ڀارت سميت 10 ملڪن اسرائيلي ڪمپني جا صارف آھن ۽ انھيءَ جي سافٽ ويئر کي پنھنجي مخالفن جي جاسوسي جي لاءِ استعمال ڪندا آھن. رپورٽ موجب 10 ملڪن ۾ ڪجھھ سالن دوران 50 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن جا فون ھيڪ ڪيا ويا يا پوءِ انھيءَ جي ڪوشش ڪئي وئي، انھن ماڻھن ۾ صحافي، انساني حقن جا نمائندا، مخالف ڌر جا اڳواڻ شامل آھن. امريڪي اخبار جي رپورٽ موجب ڀارت بھ انھيءَ ڪمپني جو صارف آھي ۽ ڀارتي حڪومت وٽ جاسوسي، نگراني ۽ ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي صلاحيت آھي، ڀارت طرفان پنھنجي مخالف اڳواڻ راھول گاندھي سميت پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جو پراڻو نمبر بھ ھيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انھيءَ انڪشاف بعد اسرائيلي ڪمپني کي انتھائي تنقيد جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جاسوس سفافٽ ويئر ٺاھڻ واري اسرائيلي ڪمپني خلاف ڪيس جي حمايت ڪئي آھي. ڀارتي ميڊيا موجب انڊيا ۾ 300 فون جي مانيٽرنگ ٿيندي رهي آهي. پاڪستان جي وزيراطلاعات فواد چوڌري ۽ انساني حقن جي وزير شيرين مزاري ان معاملي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي مذمت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو