عمران حڪومت عوام جو تيل ڪڍي ڇڏيو آهي، مرتضيٰ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري مشير مرتضيٰ وهاب عمران خان جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي ايندڙ نسلن لاءِ به غير سنجيده حڪومت آهي. 2018 ۾ پوليو جا 12 ڪيس هئا هن مهل 147 ڪيس آهن، 20 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو پوڻا 8 سو روپيا هو جيڪو هاڻي هزار کان مٿي آهي. گردشي قرض 10 ارب 40 ڪروڙ مان وڌي 22 ارب ٿي ويو آهي. هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت 22ڪروڙ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، حڪومت سمنڊ ۾ تيل ڳولڻ ڳالهه ڪئي پر هنن عوام جو تيل ڪڍي ڇڌيو آهي، آگسٽ 2018ع ۾ کنڊ جو في ڪلو 55 رپيا هو جيڪو هاڻي 100 کان مٿي آهي، ٻن سالن ۾ پي ٽي آئي حڪومت رڳو تباهي آندي آهي، پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ٿيو. وزيراعظم آئي ايم ايف نه وڃڻ وارو واعدو پورو ڪيو؟ ڇا وزيراعظم آپگهات ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪيو؟، پاڪ چين دوستي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ وڌو ويو، سي پيڪ آصف علي زرداري جو ويزن هو، عمران خان به چوي ٿو ته سي پيڪ گيم چينجر آهي، هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ماڻهن کي ڏيڻ بدران روزگار به کسيو ويو، تحريڪ انصاف نه پر پاڪستاني عوام لاءِ تحريڪ انتقام آهي، عمران خان چيو هو ته گورنر هائوسز جون ڀتيون ڪيرايون وينديون گورنر هائوسز جون ڀيتيون بيٺون آهن غريبن جا گهر ڊاهيا ويا وزيراعظم هائوس ۾ يونيورسٽي ٺهي آهي ته ڏيکاريو، عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ اتحادين کي ليڪچر ڏيندو آهي. يونيورسٽيز جي بجٽ گهٽ ڪئي وئي ڪرپٽ مافيا ۽ دوستن کي نوازي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو