عمران جي ٻن منٽن واري خاموشي اڃا جاري آهي، مريم

ڇتر ڪلاس (ويب ڊيسڪ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ انٽري، مظفر آباد لڳ ڇَتر ڪلاس راجا فاروق حيدر جي حلقي ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران مريم نواز چيو آهي ته نواز ليگ جا ورڪرز اليڪشن چوري جي معاملي کي سمجهي ويا آهن، دٻاءُ ۽ ووٽ چوري جي ڪوششن باوجود نواز ليگ پهاڙ جيان بيٺل آهي، نواز شريف جي سياست ختم ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ به کائنس ڊڄن ٿا، مخالفن جي تقرير شروع ۽ ختم نواز شريف تي ٿئي ٿي، ڀارتي وزيراعظم نواز شريف جي گهر ايندو هو ۽ هنن جي فون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ووٽ چوري وزيراعظم جي دوري ۾ ڀارت کي ايتري همت ٿي جو ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي، ووٽ چور وزيراعظم 2 منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو