عمان مان سمنڊ رستي ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچڻ وارا آهن، نواب

عمرڪوٽ ( اي بي آريسر)  پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ صوبائي وزير انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نواب محمد تيمور خان ٽالپر جي پاران ضلعي عمرڪوٽ ۾ ماڪڙ جي خاتمي جي حوالي سان ڪيل انتظامن جي متعلق ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي دربار هال ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو ، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوت نديم الرحمن ميمڻ ، ضلع چيرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، وائس چيرمين حاجي محمد بقا پلي، پاڪ آرمي جي ڪيپٽن ارسلان ، ايس ايس پي عامر عباس شاهه، پلانٽ پروٽيڪشن ڊيپارٽمينٽ جي آفيسر جمن، زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر حسين بخش خاصخيلي ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمن ميمڻ پاران ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ ڪيل انتظامن جي حوالي سان ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر کي مڪمل بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته گذریل سال وزير اعظم پاڪستان جي حڪم تي ماڪڙ جي خاتمي جي حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو هو جنهن ۾ 12 پلان  جوڙيا ويا هئا جنهن جي منظوري  جنوري 2020 ۾ وزير اعظم پاڪستان پاڻ منظور ڪيو پر افسوس هن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيو. جنهن جي ڪري صوبي سنڌ ۾ زراعت کي هڪ وڏو نقصان ٿيو ، هن چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ ماڪڙ جي موجودگي جي اطلاع تي هنگامي بنيادن تي خاتمي جي لاءِ قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ اها آفت وڏي تباهي آڻي سگهي ٿي ، هن چيو ته سامونڊي رستي اومان مان مڪڙن جي آمد جي معلومات ملي آهي جيڪا تقريبن گذريل سال جي نسبت هن سال چار سيڪڙو وڌيڪ ٻڌائي وڃي پئي جنهن جي خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان آرمي جي گڏيل حڪمت عملي ۽ پلان سان ماڪڙ کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ پلانٽ پروٽيڪشن ڊيپارٽمينٽ جي آفيسرن کان مڪمل رابطي ۾ آهيان جڏهن ته صوبي سنڌ ۾ خصوصي طور تي ضلعي عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ جهاز جي ذريعي بارڊر ايريا تي اسپري ڪرائي ماڪڙ جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ غريب زميندان جي فصلن کي ان تباهي کان بچائي سگهجي ، ان موقعي تي صوبائي وزير انفارميشن سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي نواب محمد تيمور خان ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ماڪڙ جو فصلن تي حملو هڪ قدرتي آفت آهي جنهن جي لاءِ سمورن آبادگارن کي ماڪڙن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدابيرون اختيار ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته حڪومت سنڌ ماڪڙ جي حملي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن ۽ اهو ڪم وفاق جي ٽيڪنيڪل کاتي پلانٽ پروٽيڪشن جي ذميواري ۾ اچي ٿو هن سال به وفاقي حڪومت ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ ڪافي دير ڪري ڇڏي آهي پر سنڌ حڪومت ان مسئلي تي ڪڏهن به ڪوتاهي ناهي ڪئي ۽ سنڌ ۾ جتي به ماڪڙن جا حملا ٿيندا اتي ماڪڙ مار اسپري ڪرايو ويندو، ان موقعي تي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي آفيسر جمن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت ضلعي عمرڪوٽ ۾ ماڪڙن جي موجودگي جا اطلاع ناهن مليا پر اسان جون ٽيمون ضلعي ۾ سروي ڪري رهيون آهن ۽ ماڪڙن جي خاتمي جي لاءِ پيسٽي سائيڊ دوائون ڪافي مقدار ۾ موجود آهن جنهن سان ماڪڙن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته 02 گاڏين جي ضرورت آهي ، ان موقعي تي زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اجلاس کي برينفگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت ضلعي عمرڪوٽ ۾ ماڪڙن جو فصلن تي ڪٿي به حملو نه ٿيو آهي پر ان کان بچاؤ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ احتياطي تدبيرن جي سموري آگاهي آبادگارن کي ڏني وئي آهي.اجلاس جي آخر ۾ صحافين جي طرفان عمرڪوٽ کي صاف پاڻي جي فراهمي جي متعلق ڪيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايڪسيئن منصور کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو عمرڪوٽ ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪري. شرافت راجپوت قتل ڪيس متعلق ڪيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون پاڻ ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ڊي ايس پي عمرڪوٽ کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته ڏوهاري جي ملڪيت کي پڻ ضبط ڪري ان کي جلد گرفتار ڪيو وڃي..

پهنجو تبصرو موڪليو