علي گوهر مهر پڳ پائي مهرن جي سرداري به ورهائي ڇڏي

خانپور مهر(رپورٽ:آفتاب سيال) مهر قبيلي جي سرداري جي پڳ علي گوهر خان مهر ٻي ڇڏي. کيس پڳ پارائڻ جي رسم لاءِ مهر برادري جو ڪٺ خانڳڙهه ۾ گوهر پيلس تي گذريل رات ديرسان آڌي رات منعقد ٿيو جنهن ۾ کيس پڳ پارائي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مير شهر يار خان شر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ايتري ونگار وهي جيڪو سڀاڻي برداشت ڪري سگهي. هالار خان پتافي چيو ته اسان پتافي برادري علي گوهر خان مهر سان گڏ آهيون گڏ رهنداسين. ارشاد قريشي چيو ته اسان مهر خاندان سان گڏ آهيون ۽چاڪر خان بوذدار چيو ته سرداري پڳ خلق خدمت آهي. لال خان مهر. راجا خان مهر سخيجو. افلاطون خان مهر. هزار خان مهر، حاجي علي ڏنو خان مهر گاگناڻي پاڙي جي چيو ته اسان علي گوهر خان مهر کي چيف سردار تسليم ڪريون ٿا. اڳوڻو چيئرمين منير خان مهر چيو ته اسان سختيون برداشت ڪيون آهن. جي ڊي اي، جي، ايم اين اي غوٽ بخش خان مهر چيو ته اسان هن ڏينهن لاءِ تيار نه هياسين. سردار محمد بخش کي پڳ ٻڌرائي هئي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته محمد بخش خان مهر ملڻ لاءِ تيار نه هو هاڻي پڳ اسان علي گوهر خان مهر ٻڌرائي رهيا آھيون هن چيو ته سکر کان رستا روڪ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته  زور تي سرداري نه هلندي آهي. ڪيترائي ماڻهن کي شڪارپور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

Photo Sindhyar

ميان آفتاب سائين چيو ته قوم جو سردار جيڪو هوندو اهو قوم جو وڏو هوندو آهي سردار ان کي تسليم ڪبو آهي جيڪو عوام جي ڪم اچي. علي نواز عرف راجا خان مهر خطاب ڪندي چيو ته مهر برادري ۽ ٻين بردارين جو شڪر گذار آهيان توهان وڏي تڪليف سان پهتا آهيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ مان مهرن کي روڪيو آهي، مون کي به روڪيو ويو. علي گوهر خان جي ننڍي ڀاءُ وڌيڪ چيو ته محمد بخش خان کي پالي ۽پڙهائي وڏو ڪيو پر هن 2013 کان جيڪي فيصلا ڪيا اهي غلط هئا. علي گوهر خان مهر کي پڳ ٻڌرائڻ جو ڪوبه شوق نه هو پر علي گوهر خان مهر ۽اسان کي پڳ شوق نه هو پر قبيلي جي اڪثريت جيڪو فيصلو ڪيو آهي مان ان سان متفق آهيان. هن چيو ته سڀاڻي ڪيترائي لکي ماڻهو اچن ها. مان سڀني جو شڪر گذار آهيان صحيح فيصلو ڪري مهر قوم کي اڳتي وٺي هلنداسين سردار علي گوهر خان مهر کي پڳ ٻڌرائڻ وار اچ شريف سائين مخدوم ظفر حسين پڳ کي ور ڏنا. هالار خان پتافي. سخيجي پاڙي جي چڱن مڙسن علي گوهر خان مهر جي پڳ کي ور ڏنا آهن.ياد رهي ته مهر قبيلي جو سردار. غلام محمد خان هو جنهن کي پهرين گهرواري مان پٽ جي اولاد نه هئي ۽ هن ٻئي شادي ڪئي جنهن مان کيس 2 پٽ ٿيا. سردار جي وفات بعد سندس پٽ محمد بخش خان مهر کي پڳ ٻڌرائي وئي هئي. جنهن خاندان کان ٻاهران يعني پنجاب جي عباسي فيملي مان شوق سان شادي ڪئي جنهن مان پيدا ٿيندڙ وڏي پٽ جو نالو هن غلام محمد خان رکيو. گذريل مهيني محمد بخش خان مهر پنهنجي ڀيڻ جي شادي ڀرچونڊي واري گادي نشين جي پٽ ميان مجن سان ڪئي. انهن ٻنهي فيصلن تي علي گوهر خان مهر ۽ سندس حامي ناراض ٿيا ته سرداري گهر جا رشتا مهر برادري کان ٻاهر ڪرڻ غلط آهن. جڏهن ته محمد بخش خان مهر جي حامين جو چوڻ آهي ته هو هڪ پڙهيو لکيو روشن خيال شخص آهي جيڪو پراڻين ريتن رسمن کي رد ڪري ٿو. سندن حامين موجب ته علي گوهر خان مهر جيڪو مهر گروپ ٺاهي اڌ سنڌ جي مالڪي جو دعويدار هو، تنهن کي غلط فيصلن سبب مسلسل سياسي ناڪامي نصيب ٿي ۽ آخر ڪار پنهنجي گهر جي پولنگ به گذريل ڀيري هارائي ويو.

Photo Sindhyar

تڏهن کان هو ڪاوڙ ۾ اچي انتقامي ۽ روايت وڏيرن واريون ڪاروايون ٿو ڪري. هنن جو چوڻ آهي ته دنيا جو دستور آهي ته پيءُ جو وارث پٽ هوندو آهي ڀائٽيو ناهي هوندو ۽ پٽڪو پائڻ سان ماڻهو سردار ناهي ٿيندو. ياد رهي ته سردار رحيم بخش خان بوزدار، سردار فياض احمد خان لنڊ، مير خالد احمد خان لنڊ، باري خان پتافي کانسواءِ گبول، شاهاڻي، ڌاريجا ۽ ضلعي جي ٻين ڪيترين ذاتين جا چڱا مڙس علي گوهر خان جي دعوت باوجود رسم ۾ شريڪ نه ٿيا. خود مهر قبيلي جي ڪيترن ئي چڱن مڙسن شرڪت نه ڪئي. مهرن جي سڀني کان وڏي پاڙي چنڙ جو به ناليوارو مهر شريڪ نه ٿيو. مهرن جي گاگناڻي شاخ جو چڱو مڙس مولا بخش خان به نظر نه آيو. شڪارپور جي غوث بخش مهر علي گوهر خان ۽ سندس وڏي پٽ عارف خان مهر محمد بخش خان مهر جي پڳ جي معاملي تي حمايت ڪئي.  بهر حال مهر قبيلي جي سرداري به ورهائجي وئي.

علي گوهر مهر پڳ پائي مهرن جي سرداري به ورهائي ڇڏي” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو