علي گوهر خان جي مبينه ڌمڪين بعد ڀرچونڊي ۾ ڪٺُ

ڏھرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو) ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين پير عبدالخالق القادري جي فرزند پير ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن سائين جي ڪجهه ڏينھن پهريان چيف سردار محمد بخش خان مھر جي ڀيڻ سان شادي ٿيڻ کانپوء مھر برادري ۽ ڀرچونڊي شريف جي پيرن ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. جنهن سبب اڄ ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين پوري سنڌ مان پنهنجي مريدن جو ڪٺ گھرائي ورتو جنهن ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا ھن موقعي تي سائين عبدالخالق القادری جماعت کي پرامن رھڻ جي ھدايت ڪئي ۽ سردار علي گوهر مهر صاحب کي پيغام ڏنائين ته اسان اڪيلا ناهيون تون ڀلي زور آزمائي ڏس ھن موقعي تي جماعت جي ڪجهه ماڻهن سردار علي گوهر مهر جي بنگلي ۽ تار ھائوس تي حملي جو اعلان ڪيو ۽ چيائون ته سائين توهان کان پھرين اسان پنھنجي جان توهان تي قربان ڪنداسين ان وڌيڪ چيو ته اسان پير صاحب پاڳاري کي گذارش ڪنداسين ته هو ان معاملي تي پنهنجو ڪردار نڀائي ۽ ٿيندڙ نقصان کان پوري علائقي جي ماڻهن کي محفوظ ڪن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عل گوهر خان مهر وٽ مهر برادري جي ڪجهه ماڻهن جو ڪٺ ٿيو هو جنهن ۾ سردار گهر جي غير مهرن ۾ مائٽي ڪرڻ تي اعتراض ڪندي مهر قبيلي جي پڳ علي گوهر خان مهر کي ٻڌائڻ تي زور ڀريو ويو هو. علي گوهر خان کانئن هفتي جي مهلت ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو