عطائي ڊاڪٽرن ۽ غيرقانوني ليبارٽرين خلاف ڇاپا

مورو)مورائي اياز سولنگي) شھرجي مختلف ھنڌن تي سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم پاران غير قانوني طور قائم  ليبارٽرين خلاف ڇاپا هنيا ويا. ٽيم ليڊر ڊاڪٽر اقبال حسين چانڊيو ۽ ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال جي سربراھي ۾ ٻانڌي روڊ، گچيرو روڊ، دادو روڊ، درس روڊ ۽ ڊاڪٽرس ڪالوني ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلنڪس، غيرقانوني ليبارٽرين ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپن دوران ڪيترن ئي ليبارٽرن کي بند ڪرائي تالا ھڻي سيل ڪيو ويو. ان موقعي تي ٽيم ليڊر ڊاڪٽر اقبال حسين چانڊيو چيو تہ صحت کاتي پاران جوڙيل ڪميشن جون ٽيمون ڪنھن بہ صورت ۾ عطائي ڊاڪٽرن کي بخش نہ ڪنديون، اسان ڇاپن دوران غيرقانوني ليبارٽرن کي سيل ڪري رھيا آھيون جنھن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ ڏني ويندي ۽ اسان وارننگ پڻ ڏيون ٿا تہ عطائي ڊاڪٽر غير قانوني ڪلينڪون ۽ ليبارٽريون بند ڪن ٻي صورت ۾ کين قانون موجب قدم کڻي سزا ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو