عطائي ڊاڪٽرن، ليبارٽرين ۽ ميديڪل اسٽورن خلاف آپريشن

ڪنب(رپورٽ صفدرچانڊيو) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجيش پنجواڻي جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ غيررجسٽرڊ ليبارٽين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران پنج غيررجسٽرڊ ليبارٽيون جنهن ۾ فيض ليبارٽري، بسم الله ليبارٽري، شاھ لطيف  ليبارٽري ۽ المشھد ليبارٽري شامل آهن، تن کي سيل ڪيو ويو. جڏهن ته ٽن  عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس پڻ سيل  ڪيون ويون آھن. ڏھن کان مٿي غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن ڏانهن وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڊاريڪٽر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان سنڌ کي ايڇ آءِ وي ايڊز کان پاڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته تعلقي ڪوٽڏجي سميت پوري ضلعي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائيون جاري آھن. ان موقعي تي اويس گل ڪمپلينٽ آفيسرسنڌ  ھيلٿ ڪيئرڪميشن ڊاڪٽرباقر يوسف جتوئي, فوڪل پرسن خيرپور ڊي ايڇ او پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو