عزيز الله ٻوهيو جو مڙهه هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءَ حوالي

نوشهرو فيروز (خصوصي رپورٽ)سنڌ ساگر پارٽي جو چيئرمين برک عالم عزيز الله ٻوھيو دل جو دورو پوڻ سبب اين آئي سي وي ڊي اسپتال سيوھڻ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي تي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي آھي. جڏھن ته کيس ھزارين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي پنھل ساريو، جيئي سنڌ محاذ جي اڳوڻي چئرمين عبدالخالق جوڻيجو، هاشم کوسو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، وڪيل اڳواڻ عبدالرزاق مهر، نصر الله جمالي، ڪامريڊ مٺل مهر، زبير مهر سميت ھزارن جي تعداد ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي ڪارڪنن، اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن، علائقي واسين شرڪت ڪئي.

Funeral prayers of Azizullah Bohio

ان موقعي تي سيد ظفر علي شاھ چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جي قدرآور شخصيت ھو جنھن سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته عزيز الله ٻوھيو آخري وقت تائين سنڌ جي حقن لاءِ پتوڙيندو رھيو. رات ھجي توڙي ڏينھن سنڌ جي جھرجھنگ پھچي سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي. ھو عبيدالله سنڌي جي فڪر سان رھي سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجھد ڪئي. عبدالخالق جوڻيجي چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو بھادر پٽ ھو جنھن سڄي حياتي پنھنجي اصول ۽ فڪر تحت گذاري، ھو وڏو عالم ۽ قرآن جو ڄاڻو ھو. ھاشم کوسي چيو ته عزيز الله ٻوھيو سادو سياستدان ھو ھن ڪڏھن پروٽوڪول جي ڳالھ نه ڪئي ۽ سادگي سان سياست ڪندو رھيو. نامياري وڪيل شبير شر چيو ته عزيز الله ٻوھيي ڪيس قرآن مجيد جي علم جي روشني ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو ھو سنڌ جو بھادر پٽ ھو جنھن جي وڇوڙي سان وڏو نقصان پھتو آھي.

Last rituals of Azizullah Bohio, Photo Sindhyar
کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو