عزادارن جي قافلي کي ٽريلر چيڀاٽي ڇڏيو، 5 فوت 7 زخمي

مٽياري (ن سنڌيار) مٽياري ڀرسان عزادارن سان خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 7 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، پوليس ٽرالر ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو. قدم موليٰ علي ڏانهن ويندڙ عزادارن جي قافلي ۾ شامل عزادار مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه ڪراس ڪري رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرالر مٿن چڙهي ويو.حادثي جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ معصوم نينگرين سميت 8 کان وڌيڪ عزادار زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمي عزادارن کي مٽياري ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي. پوليس موجب فوتين ۾ مسمات زيبو، ختو، شاڪر خاصخيلي ۽ عليزا طور سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته حادثي بعد ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو