عدليه خلاف بدنيتي تي ٻڌل مهم شروع ڪئي وئي آهي؛ چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آصف سعيد کوسه پاڪستان جي 26هين چيف جسٽس جي عهدي تان اڄ ريٽائر ٿي رهيو آهي جنهن کان پوءِ جسٽس گلزار احمد سڀاڻي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو. ان سلسلي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس سپريم ڪورٽ منعقد ٿيو جتي هن پنهنجو الوداعي خطاب به ڪيو. پنهنجي ريٽائر ٿيڻ کان اڳ آصف سعيد کوسه بطور چيف جسٽس مري ۾ آمنه بيبي تي فائرنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ معاملي کي حل ڪيو. ان ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته منهنجي عدالتي ڪيريئر جو آخري ڪيس آهي سڀني لاءِ مان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو. عدالت عظميٰ جي ڪمري نمبر 1 ۾ چيف جسٽس جي اعزاز ۾ منعقد فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جي صدر شرڪت ڪئي پر جسٽس قاضي عيسيٰ فائز موڪل تي هجڻ ڪري ان فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو. ان کان علاوهه اٽارني جنرل فار پاڪستان انور منصور خان به ٻاهرين ملڪ هجڻ ڪري ان ريفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو ۽ ان جي جڳهه تي ايڊيشنل اٽارني جنرل نمائندگي ڪئي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته هن بطور جج هميشهه پنهنجي حلف جي پاسداري ڪئي، قانوني تقاضائن سميت بغير خوف ۽ جانبداري سان فيصلا ڪيا. چيف جسٽس چيو ته پنهنجي 22 سالا ڪيريئر دوران مختلف قانوني معاملن جو هر پهلو کان جائزو ورتو جڏهن ته بطور چيف جسٽس 11 مهينا مجموعي طور تي 337 ڏينهن جي ذميواري نڀائي حالانڪه انهن مان جيڪڏهن هفتيوار موڪلن کي ڪڍو ته 235 ڏينهن ڪم لاءِ مليا. هن چيو ته ان عرصي ۾ عدالتي شعبي ۾ اصلاحتن لاءِ قدم کنيا، هڪ جج جي دل شير وانگي ۽ انهن جا عضوا فولاد جا هجڻ گهرجن. دوران خطاب چيف جسٽس چيو ته جڏهن مان پيدا ٿيو هيس ته منهنجي منهن ۾ هڪ ڏند هيو منهنجي خاندان ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي وئي ته ٻار وڏو خوش قسمت ٿيندو. هن چيو ته مان هميشهه اهو ئي ڪيو جنهن کي مون صحيح سمجهيو منهنجي لاءِ اهو اهم ناهي ته ٻين جو رد عمل يا نتيجو ڇا هوندو. ريفرنس کي خطاب ۾ هن چيو ته مان 100 فيصد ڪم ڪيو ڪڏهن ته آواز نه اٿاريو بلڪه پنهنجي قلم ذريعي ڳالهه ڪئي ۽ ڪڏهن به فيصلي کي غير موزون طور تي موخر نه ڪيو ۽ پنهنجي زندگي جي بهترين سالن کي عوامي خدمت ۾ وقف ڪرڻ کان پوءِ اڄ منهنجو ضمير مطمئن آهي. ريفرنس جو آغاز نئين رجسٽرار سپريم ڪورٽ خواجه دائود ڪيو، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر الرحمٰن خطاب ڪيو. هن چيو ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه پنهنجي آبزرويشن ۽ فيصلن جي حوالي سان شاعرانه جج تصوير ٿئي ٿو ۽ هن بطور جج 55 هزار ڪيسن جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ فوجداري ڪيس به شامل آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ڪوڙي ضمانت، ڪوڙهي گواهي، جعلي دستاويز ۽ جعلي ثبوتن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا، پر بدقسمتي سان خصوصي عدالت جي تازن فيصلن ۾ جسٽس کوسه جي وضع ڪيل قانوني اصولن کي مدنظر نه رکيو ويو. عامر الرحمٰن چيو ته خصوصي عدالت جي جسٽس وقار احمد سيٺ جو فيصلو تعصب ۽ بدلي جو اظهار ڪري ٿو، جسٽس وقار طرفان سزا تي عملدرآمد جو طريقيڪار غير قانوني، غير انساني، وحشيانه ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ڪرمنل جسٽس سسٽم جي روايتن جي ابتڙ، ان جو ڪنڊڪٽ اعلي ٰ عدليه جي جج جي ڪنڊڪٽ جي منافي آهي. ان سان گڏ ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته دل سان چوان ٿو ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه صحافين سان خصوصي عدالت جي فيصلي بابت ان وقت ڳالهه ڪئي جڏهن تفصيلي فيصلو اچڻ باقي هو. هن چيو ته دهشتگردي جي تعريف جي حوالي سان چيف جسٽس کوسه جي سربراهي ۾ بينچ جو فيصلو مستقبل ۾ رهنمائي ڪندو، ان سان گڏ هن چيو ته ممتاز قادري ڪيس ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه رياست جي رٽ ۽ عدليه جي آزادي کي برقرار رکندي آزاد فيصلو ڏنو. عامر رحمٰن وڌيڪ چيو ته عدالت جي وقار ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي هڪ عمده مثال چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو آسيه بي بي ڪيس جو فيصلو به هيو ان فيصلي سان قومي خدمت، قائد اعظم جي رهنما اصولن تي عملدر آمد کان علاوهه مذهبي عنصرن کي به رواداري جو سبق ڏنو ويو. ان جو چوڻ هو ته آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ جي ڪيس ۾ اهم آبزرويشنز ڏنيون ويون. ايڊيشنل اٽارني جرنل چيو ته ايڊيشنل ججن جي هڪ اهڙي ئي ڪيس ۾ ايڊهاڪ ججن کي واڌ ڏني وئي، عدالت کان درخواست آهي ته اعليٰ آئيني دفتر جي حقوق ۽ ذميدارين متعلق مقدمن ۾ غير ضروري جلدبازي بجاءِ صبر سان ٻڌو وڃي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل جي نائب چيئرمين امجد شاهه چيو ته پرويز مشرف خلاف فيصلو آئين جي بالادستي ۽ قانون جي فتح آهي. هن چيو ته ڪڏهن پاڪستان بار ڪائونسل جنرل (ر) پرويز مشرف جي سزا ڏيڻ واري فيصلي کي ساراهيو آهي ان فيصلي سان آئندن ڪنهن به آمر کي آئين ٽوڙڻ ۽ جمهوري حڪومت ڪيرائڻ جي جرئت نه ٿيندي. نائب چيئرمين چيو ته جسٽس وقار ۽ ان جي ساٿي ميمبر جج کي هميشهه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. پنهنجي خطاب ۾ هن جو چوڻ هو ته پرويز مشرف خلاف فيصلي تي حڪومت حلقن جو ردعمل توهين آميز آهي اهو رد عمل نظام فراهمي انصاف ۾ دخل اندازي جي مترادف آهي. هن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته جسٽس وقار سيٺ جي باري ۾ ڪيل ڳالهين جو نوٽيس وٺڻ گهرجن سپريم ڪورٽ ان فيصلي جو جائزو وٺڻ جو اختيار رکي ٿي. پاڪستان بار ڪائونسل جي نائب چيئرمين جو چوڻ هو ته وڪيل جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي ڀرپور مخالفت ڪندا. جيڪڏهن چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي ڳالهيون ڪيون ته هن 18 جنوري 2019 تي 26هين چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کنيو هو. هن پنهنجي تقريبن ساڍي 21 سالن جي سفر ۾ هن وقت تائين 57 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو. جڏهن آصف سعيد کوسه چيف جسٽس پاڪستان بڻيو ته هن از خود نوٽيس جي استعمال گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هو ان تي پابند رهيو. جسٽس آصف سعيد کوسه طرفان از خود نوٽيس وٺڻ جي اختيارن کي گهٽ ڪرڻ واري اعلان تي هڪ طرف وڪيلن ۽ سينئر قانوندان سڀ حيران هيا ته ٻئي طرف ان اعلان کي ڪجهه وڪيلن طرفان ڪافي ساراهيو ويو هو. چيف جسٽس پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس تائين آصف سعيد کوسه هڪ ڀيرو به از خود نوٽيس جو اختيار استعمال نه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو