عدالت پاران 15 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک ڏنڊ جي سزا

سکر(جیرام داس) دهشتگردي جي خاتمي واري سکر جي عدالت جج آنند رام سال 2017 ۾ بچل شاهه مياڻي جي اڳوڻي يوسي نائب ناظم ديدار ميراڻي جي پٽ راشد ميراڻي جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي يوسي چيئرمين بچل شاهه مياڻي اشفاق ميراڻي، مراد عرف ٽيدي، مصنف، مجاهد، اظهر۽ مجيب سميت 15 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ واري رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار وڌيڪ جيل جي سزا ڪاٽيندا. ياد رهي ته ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، تڪرار دوران نوجوان راشد ميراڻي قتل ٿيو هو، سندس قتل جو ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سکر ۾ ٻن سالن کان هلندڙ هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو