عدالت پاران مريم نواز جي درخواست ٻي بينچ کي موڪلڻ کان انڪار

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس علي باقر نجي نوازشريف جي نياڻي مريم نواز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري درخواست ٻي بينچ کي موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز جي درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿيڻي هئي پر درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي پئي جنهن ڪري ٻڌڻي نه ٿي سگهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ قائم بينچ سرديءَ جي موڪل ٿيڻ ڪري ٽٽي پئي. ذريعن مطابق چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس کي ٻئي بينچ ڏانهن موڪلڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي جسٽش علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ساڳي بينچ ڪندي. ذريعن مطابق بينچ ٽٽڻ کان پوءِ ٻي بينچ جسٽس طارق ٿباسي جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪري ها پر چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سردار شميم خان ٻي بينچ لڳائڻ جي استدعا منظور نه ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 8 جنوري تائين سرديءَ جون موڪلون آهن جنهن کان پوءِ علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ قائم بينچ مريم نواز جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. ياد رهي ته مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پنهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 6 هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو