عدالت پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مٿان ڪاوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ غيرقانوني تعمير روڪڻ ۾ ناڪامي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مٿان ڪاوڙ جو اظهار، ڊي جي ايس بي سي اي کي 24 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو جي ڊي ٻڌائي ته عدالتي فيصلن تي عمل ڇو نه پيو ٿئي؟ ٻڌڻي دوران شهري فرقان چيو ته نارٿ ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتون جاري آهن، منهنجي گهر اڳيان به اونچي عمارت تعمير ڪئي وئي، اختيارين طرفان عدالتي حڪم تي ڪوبه عمل نه پيو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو