عدالت پاران بحالي تي چيئرمين جو ڀرپور استقبال

ماتلي)عبدالرزاق پنهور) عدم اعتماد جي رٿ ذريعي هٽايل ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين عبدالرئوف نظاماڻي کي هاءِ ڪورٽ حيدرآباد طرفان ساڳئي عهدي تي بحال ڪرڻ واري فيصلي کان پوء جيئن ئي هو ماتلي پهتو ته سوين شهرين ۽ ماتلي اتحاد جي ڪارڪنن سندس ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو. وڏي انگ ۾ ماتلي واسين پنهنجي چونڊيل چيئرمن تي گلن جي ورکا ڪري دهل ۽ شهنائين تي رقص ڪري شاندار استقبال ڪيو. شهرين پاران مٺائي ورهائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو. ميونسپل چيئرمين کي جلوس جي صورت ۾ سندس آفيس آندو ويو , ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين عبدالرئوف نظاماڻي چيو ته فتح هميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي ماتلي واسين جي دعا سان کيس هڪ ڀيرو ٻيهر فتح ملي آهي. هن چيو ته سندس اهو خواب آهي ته ماتلي شهر کي خوبصورت بڻايان پر مخالفن جي رنڊڪن سبب ڪمن ۾ رڪاوٽ ٿي پر هاڻي ائين هرگز نه ٿيندو ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ماضي ۾ نظرانداز ڪيل پاڙن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرايا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو