عدالت مراد شاهه جي نااهلي بابت درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(اياز مهر) سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير جي نااهلي بابت نظرثاني واري درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور ڪندي سيد مراد علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عظمت سعيد جي عدالت ۾ روشن ٻرڙو جي نظثاني واري ديخواست جي اڱاري تي وڪالت حامد خان ڪئي ۽ عدالت کي ٻڌايو ته 2013 جي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت سيد مراد علي شاهه غلط بياني ڪئي هئي ۽ ڪئناڊا جي ٻٽي شهريت ڇڏڻ جي ڳالهه ته ڪئي هئي پر ڪو دستاويزي ثبوت پيش نه ڪيو هو ۽هن وٽ اقامو به هو. جنوري ۾ سپريم ڪورٽ روشن ٻرڙي جي مراد علي شاهه جي نااهلي جي اپيل اهو چئي رد ڪئي هئي ته درخواست گذار سندس سياسي مخالف آهي ۽ عدالت ۾ ٺوس ثبوت پيش ناهن ڪيا. روشن ٻرڙو 2013 ۾ رٽرننگ آفيسر آڏو اعتراض اٿاريو هو جيڪو رد ٿي ويو هو. جنهن بعد هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ڪيو، جنهن چيو هو ته رٽرننگ آفيسر خلاف اليڪشن ٽريبونل ۾ وڃڻ کپندو هو هاءِ ڪورٽ ان لاءِ مناسب فورم نه هو. جنهن خلاف هن سپريم ڪورٽ م اپيل ڪئي جيڪا جنوري م خارج ٿي وئي، جنهن بعد هن نظر ثاني جي اپيل دائر ڪئي. اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال شامل هو جنهن چيو هو ته مراد علي شاهه ڪئناڊا جي شهريت ترڪ ڪري چڪو آهي تنهن ڪري کيس نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي. هاڻي نظر ثاني واري درخواست جي اڱاري تي سماعت مهل به هو بئنچ جو حصو هو ۽ حامد خان چيو ته مراد علي شاهه شهريت ترڪ ڪرڻ جو دستاويزي ثبوت ناهي پيش ڪيو، رڳو ڳالهه ڪئي هئي. جنهن تي عدالت نظر ثاني جي درخواست قبول ڪندي وڏي وزير کي نوٽيس جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو