لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.احتساب عدالت لاهور ۾ شهباز شريف جي گهر ڀاتين خلاف مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز شريف کي اشتهاري قرار ڏيندي ريفرنس جي ٽنهي گواهن تي جرح ڪرڻ جو حڪم به ڏنو.شهباز شريف عدالت جي آڏو بيان ڏنو ته ٽنهي دورن دوران مون ڪابه پگهار ناهي ورتي ۽ هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي. جج جوادالحسن چيو ته اوهان جي بهتر ترجماني مريم اورنگزيب ڪري سگهي ٿي. اوهان گهٽ ڳالهايو ته بهتر آهي هتي سڀ ڪجهه نوٽ ٿيندو آهي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ ريمارڪس ڏيندي جج جوادالحسن چيو ته ائين ته هي ڪيس ڪڏهن به نه هلندو. جرح جي لاءِ آخري موقعو ڏئي رهيو آهيان. جج جوادالحسن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز کي پيش ٿيڻ جي لاءِ ڏنل وقت ختم ٿي ويو آهي ان ڪري عدالت نصرت شهباز کي اشتهاري قرار ڏئي ٿي. جنهن کان پوءِ عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس تي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪم جي باوجود طبي سهولتون ناهن ڏنيون ويون جنهن تي عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي ۽ اڄ نيب کي پنهنجا گواهه پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز جي مصروفيت سبب ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڪجههه دير جي لاءِ وقفو ڪيو ويو. نيب لاهور موجب شهباز شريف جي خلاف اسٽيٽ بينڪ جي فنانشنل مانيٽرنگ يونٽ طرفان شڪايت ملڻ تي جاچ شروع ڪئي. 1990 ۾ ان جي اثاثن جي ماليت 21 لک هئي ۽ 1998ع ۾ ان جي ۽ ان جي اولاد جي اثاثن جي ماليت هڪ ڪروڙ 8 لک ٿي وئي. شهباز شريف ۽ ان جي پٽن 2008 کان 2018 تائين 9 ڪاروباري يونٽ قائم ڪيا. 2018 ۾ شهباز شريف ۽ ان جي گهر ڀاتين جي اثاثن جي ماليت بي نامي کاتيدارن، فرنٽ مين سبب 6 ارب جي ويجهو پهچي وئي. شهباز شريف ۽ ان جي گهر ڀاتين ڪرپشن ڪري 7 ارب کان وڌيڪ جا اثاثا ٺاهيا آهن.مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري چڪي آهي ۽ سلمان شهباز کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. شهباز شريف ۽ ان جي ٻنهي پٽن پنهنجي فرنٽ مين، ملازمن ۽ مني چينجرز جي ذريعي 9 انڊسٽريل يونٽس مان 10 سالن ۾ اربين جا اثاثا ٺاهيا جڏهن ته ڪيترن ئي بي نامي اڪائونٽن ۾ اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا