عدالتي حڪم موجب انتطامي عهدن تان استاد کي هٽايو وڃي

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشين سکر ريجن پاران سي ايم سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري ڪاليجز ايجوڪيشن کان مطالبو ڪيو آھي ته استادن کي انتظامي پوسٽن تان ھٽائي ڪاليجن، اسڪولن ڏانھن واپس موڪليو وڃي ته جيئن پڙھائي جو طريقو بھتر نموني سان ھلي سگھي. انتظامي پوسٽون ايڊمنسٽريشن اسٽاف کي ڏنيون وڃن، جيئن آر ڊي لاڙڪاڻي کي ھٽايو ويو آھي، ائين اسسٽنٽ  ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر جي پوسٽن تي جيڪي استاد قابض آھن. انھن کي ھٽائي قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي ۽ ھاءِ ڪورٽ جي 28جنوري2020ع تي ڪيل آرڊر تي عمل ڪرايو وڃي. جنهن ۾ استادن کي انتظامي پوسٽن تان ھٽائڻ جو حڪم ڏنل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو