عدالتي حڪم جي باوجود بابا سان ملڻ نٿا ڏين، بلاول ۽ آصفه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ۽ آصفه ڀٽو زرداري شڪايت ڪئي آهي ته عدالتي اجازت جي باوجود کين نيب وارن پنهنجي قيد والد آصف علي زرادري سان ملاقات ڪرڻ ناهي ڏني. بلاول پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عدالت جي اجازت باوجود کين روڪيو ويو آهي ۽ هو ان ڏس ۾ پنهنجي قانوني مشيرن سان صلاح ڪري رهيا آهن.  ياد رهي ته آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نيب گرفتار ڪيو هو ۽ بعد ۾ مٿس ٻيا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. هو جسماني رمانڊ تي نيب وٽ قيد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو