عامر مير ۽ عمران شفقت ايف آءِ اي لاهور هٿان گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينئر صحافي عامر مير ۽ عمران شفقت کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم گرفتار ڪري ورتو آهي. عامر مير سينئر صحافي حامد مير جو ننڍو ڀاءُ آهي. هو يوٽيوب تي گوگلي نيوز چينل هلائيندو آهي جڏهن ته عمران شفقت به سينئر صحافي آهي ۽ هو ’ٽيلنگز‘ جي نالي سان يو ٽيوب هلائيندو آهي. ٻئي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو