عامر لیاقت حسین جو فلم ۾ اداڪاري جو اعلان

لاهور (م ڊ) پاڪستاني اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ايوب کوسو ڪشمير۾ جاري ڀارتی جارحيت تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيوآهي. سماء جي مارننگ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ايوب کوسو چيو آهي ته هن جي فلم ۾، ٽي وي ميزبان ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽرعامر لياقت حسين اداڪاری ڪندو. ايوب کوسو چيو آهي ته ڪشمير جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاء اسان هي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيوآهي. هن چيو ته اها فلم ڪشمير جي گروپ حزب المجادین جي رڪن برهان وانی تي ٺهيل آهي. جنهن ۾  برهان وانی جو ڪردار ٽي وي هوسٽ عامر لياقت حسين ادا ڪندو. برهان وانی کي والاريل ڪشمیر۾ ڀارتی فوج جولائی 2016 ۾ شهید ڪيو هيو. ڊاڪٽر عامر لياقت فلم ۾ اداڪاري جي  تصديق ڪندي چيو ته هو پنهنجي زندگي جي پهرين فلم ۾ برهان وانی جو ڪردارادا ڪندو جيڪو ڪشميرين جو هيرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو