عامر خان ۽ ڪرن رائو علحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان ۽ سندس گهرواري ڪرن رائو ۾ 15 سالن کانپوءِ طلاق ٿي وئي آهي. ٻنهي ٽوئٽر تي گڏيل بيان جاري ڪندي چيو ته زندگي جا 15 خوبصورت سال اسان هڪٻئي سان بهترين تجربا ونڊيا، خوشين ۽ ٽهڪن سان ڀريل اسان جي رشتي ۾ پيار، احترام ۽ ڀروسو شامل رهيو. پر هاڻ اسان زندگي جو ٻيو باب شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هاڻ اسان زال ۽ مڙس نه پر پر ٻارن جي مائٽ ۽ هڪٻئي لاءِ ڪٽنب وانگر هونداسين. بيان ۾ چيو ويو ته اسان عليحدگي جي باري ۾ ڪجهه وقت سوچيو ۽ هاڻ ان کي حتمي شڪل ڏيون پيا، اسين ڌار رهنداسين پر اسان پنهنجي پٽ آزاد جي گڏجي پرورش ڪنداسين. جوڙي جو چوڻ هو ته فلمن، پاني فائونڊيشن ۽ ٻين پروجيڪٽس تي اسان گڏجي ڪم ڪنداسين، آخر ۾ هنن پنهنجي ساٿين ۽ دوستن جا ٿورا مڃيا، جن جي مستقل تعاون سان هو زندگي جو ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ياد رهي ته عامر خان ۽ ڪرن رائو 28 دسمبر 2005ع تي شادي ڪئي، جوڙي کي 10 ورهين جو هڪ پٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو