عامر خان ۽ سلمان خان جلد جيل ويندا، ڪي آر ڪي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ خان کانپوءِ هاڻي سلمان خان ۽ عامر خان بي جي پي جي هِٽ لسٽ تي آهن. هن ٽوئيٽر تي پنهنجي ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته منهنجي ذريعن ٻڌايو آهي ته وڌيڪ 2 خان باليووڊ جا سٽار ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي هٽ لسٽ تي آهن. ڪي آر ڪي موجب انهن ٻنهي تي ڪيس به داخل آهن. هن اهو به چيو ته اهي ٻئي خان جلد جيل جي هوا کائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو