عالمي طاقتن جي راند جو ميدا بڻيل لبيا ڪڏھن آجو ٿيندو؟

ليکڪ   طفيل مگسي

حقيقت ۾ وڏين عالمي طاقتن جون به عجيب قسم جون رانديون هونديون آھن.ڪڏھن اهي ڪنهن بهاني سان ڪنهن به ملڪ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏينديون آھن ته ڪڏھن ڪنهن بهاني سان ڪنهنجي آزاد رياست تي فوجي هلان ڪري ان تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏينديون آھن.يا ڪڏھن ڪنهنجي ملڪ ۾ سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاء اتي انتها پسندن جي هرقسم جي مدد ڪن ٿيون.اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ کانپوء جڏھن اهو ملڪ کنڊر ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو يا اتان جو عوام ورهائجي وڃي ٿو ته اهي طاقتون ان ملڪ ۾ امن جي قيام جي لاء ڪوششون تيز ڪري ڇڏين ٿيون.هڪ ڏھاڪي کان ائين ڪجھ شھيد معمر ڪافي جي ملڪ سان ٿي رهيو آھي.ويجهڙائي ۾ لبيا جي بحران تي ويچار ڪرڻ ۽ اتي امن جي قيام جي لاء عالمي طاقتن جو جرمني جي گادي واري هنڌ برلن ۾ اجلاس ٿيو.جنهن ۾ لبيا جي پرڏيهي وزير نجلا منقوشان اجلاس کانپوء ميڊدا سان ڳالهائيندي چيو ته برلن ۾ امن وارين ڳالهين جي نئين دور ۾ ڪافي مثبت ڳالهيون ٿيون آھن .هن اميد ظاھر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ غيرملڪي جنگجو ۽ ڪرائي جا فوجي هن جي ملڪ کان هليا ويندا.ٻئي پاسي ترڪ پرڏيهي وزدر مومود چاوش اولو برلن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته انقره جي حڪومت لبيا ۾ امن وسلامتي .سندس خودمختياري جي قيام جي لاء تعاون جاري رکندي.هوڏانهن امريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ڪانفرنس جي موقعي تي چيو ته هو هن افريقي ملڪ جي جهڳڙن جي حل جي لاء برلن ۾ ڌرين کي گڏ ڪرڻ جو ٿورائتو آھيان.برلن ڪانفرنس جي ايجنڊا لبيا ۾ جهڳڙي جو حل ڪڍڻ ھو.لبيا جي لاء امريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ نالينڊ پنهنجي بيان ۾ چيو ته برلن ڳالهين کانپوء لبيا ۾ ٿيڻ وارين چونڊن جو رستو صاف ٿي ويندو.ياد رهي ته لبيا ۾ 2011 کان سياسي افراتفري آھي.اتي نيٽو جي حمايت سان ٿيڻ واري بغاوت ڊگهي عرصي کان اقتدار تي ويٺل ڪرنل معمر فذافي کي سندس عهدي کان هٽائي ڇڏيو هو.ليڪن ان کانپوء ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻه حڪومتون قائم ٿي ويون هيون. ۽ اتي مختلف گروپ پاڻ ۾ ويڙھ ۾ مصروف ھئا.چيو وڃي ٿو ته انهن گروپن کي مختلف ملڪن جي حمايت حاصل آھي.۽ ڪافي انگ ۾ غيرملڪي فرد به انهن گروپن جي ويڙھ ۾ سندن ساٿ ڏيندا رهيا آھن.گذريل سال آڪٽومبر ۾ اتي جنگ بندي جو معاهدو ٿيو هو.جنهن جي تحت سمورن غيرملڪي جنگجوئن کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي نوي ڏينهن جي اندر ملڪ ڇڏي وڃن.ليڪن هينئر تائين ان معاهدي تي ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو.

ان ڪانفرنس جو بندوبست جرمني ۽ گڏيل قومن جي اداري لبيا ۾ امن جي قيام جي لاء گڏيل طور تي ڪيو هو.برلن ۾ ان  نموني جي علي سطحي ڪانفرنس جي شروعات گذريل سال ٿي هئي۽ اهو پهريون موقعو هو ته ان م لبيا جي وقتي حڪومت به شريڪ ٿي.ڪانفرنس ۾ امريڪا.روس.ترڪي.مصر .متحده عرب عمارت ۽ لبيا جي وقتي حڪومت جي نمائندن شرڪت ڪئي

2020ع ۾ ٿيڻ واري پهرين ڪانفرنس جو مقصد لبيا ۾ ٻاھرين ملن جي مداخلت کي ختم ڪرڻ ھو.ليڪن هينئر تائين ان ممڪن ناهي ٿي سگهيو.جيتوڻيڪ قيام امن جي ڪوششن جي سبب کان لبيا ۾ ڪنهن حتائين جنگ بندي ٿي ۽ هڪ وقتي حڪومت قائم ٿي چڪي آھي.ان کان اڳ لبيا جي ڌرين جي وچ ۾ سياسي ڊائلاگ فورم ڪميٽي جو اجلاس اپريل جي مهيني ۾ ٿيو هو.تيونس جي شھر ۾ 7 اپريل تي شروع ٿي ٽن ڏينهن تائين جاري رهڻ واري ان اجلاس ۾ آئيني بنياد تي هڪ معاهدو طئي ٿيو هو.جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو قانون ساز ۽ ايگزيڪيوٽيو ڪميٽي جي وچ ۾ تعلقات کي ڪنٽرول ۾ ڪندو.ٻي پاسي ڌرين هن ڳالھ جي تصديق ڪئي هئي ته .آئيني بنيادن تي ٽڪراءضرور آھن .باوجود ان جي ڪجھ مسئلن تي اتفاق راء ضرور ٿي آھي.

لبيا جي بحران جي شروعات 2011ع ۾ شروع ٿي.جنهن جي سبب کان گهرو ويڙھ .غيرملڪي فوجي مداخلت ۽ءمعمر قذافي جو سقتدار ختم ٿيو.۽ بعد ۾ سندس شھادت ٿي.گهرو ويڙھ کانپوء ھٿيار بند گروهن جي پکيڙ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ تشدد ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيو.2014ع نئين گهرو ويڙھن جي وچ ۾ لبيا جي اقتصادي طور تي اهم تيل جي صنعت جي پيداوار پنهنجي معمول جي سطح جي هڪ ننڍڙي حصي تي اچي وئي( شايد وڏين طاقتن جي طرف کان رٿيل ڊرامي جو هڪ اهم سبب اهو به هو) اتي ڪنهن به افريقي ملڪ جي مقابلي ۾ تيل جا سڀ کان وڏا ذخيرا هئا.مخالف گروپن جي ذريعي گهڻو ڪري پيداواري سهوليتن جي ناڪابندي ڪئي وئي يا انهن کي نقصان رسايو ويو.امريڪي صدر بارڪ اوباما 11 اپريل 2016ع ۾ چيو هو ته فذافي کانپوء لبيا ۾ پيدا ٿيڻ واري صورتحال ڪي ٿياري نه ڪرڻ شايد سندس اقتدار واري دور جي سڀ وڏي بدترين غلطي هئي.معمر قذافي جي سربراهي ۾ لبيا جي تاريخ 1969ع کان 2011 تائين چاليهن سالن تائين هئي.قذافيء پهرين سيپٽمبر 1969ع ۾ لبيا جي نوجوان فوجي آفيسرن جي هڪ ٽولي جي مدد سان شاه ادريس اول جي خلاف بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ورتو هو.بادشاھ جي ملڪ کان فرار ٿيڻ کانپوء قذافي جي اڳواڻي ۾ لبيا جي انقلابي ڪائونسل (آر سي سي) بادشاهت ۽ پراڻي آئين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ آزادي.سوشلزم ۽ اتحاد جي نعري سان گڏ نئين عرب جهموريا لبيا جو اعلان ڪيو هو.اقتدار ۾ اچڻ کانپوء آر سي سي جي حڪومت ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارين سمورين پيٽروليم ڪمپنين جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو ۽ ملڪ جي سمورن رهواسين جي لاء تعليم.صحت جي سهوليت ۽ رهائش ميسر ڪرڻ جي لاء فنڊز جو انتظام ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو هو.ان جي سڌارن جو عمل مڪمک طور تي درست نه هئڻ جي باوجود ملڪ ۾ عوامي تعليم مفت.۽ بنيادي تعليم ٻنهي جنسن جي لاء لازمي ٿي وئي هئي.عوام کي طبي سهوليتون بنا پئسن جي مليون.ليڪن سڀني جي لاء رهائش ميسر ڪرڻ اھڙو عمل هو ته جيڪو حڪومت مڪمل نٿي ڪري سگهي هئي.قذافي جي دور ۾ ملڪ ۾ في ماڻھو آمدني يارهن هزار امريڪي ڊالرز ٿي چڪي هئي.جيڪا افريقا ۾ پنجين نمبر تي هئي.ان تي الزام هنيو وڃي ٿو ته خوشحالي ۾ واڌاري سان گڏ هن ٽڪراء واري پاليسي ٺاھي ۽ ملڪ ۾ سياسي ڏاڍ ۾ واڌارو ٿيو.2014ع جي شروعات ۾ گهرو ويڙھ شروع ٿي وئي.قذافي جي مخالف قوتن وچ ۾ فيبروري 2021ع ۾ قومي وقتي ڪائونسل جي نالي سان هڪ ڪمپني جوڙي.جيڪا باغين جي قبضي هيٺ علائقن ۾ وقتي اٿارٽي جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو هو.جڏھن حڪومت باغين جو مقابلو شروع ڪيو ۽ ٻنهي پاسن کان تشدد وڌيو ته 27مارچ 2011ع ۾ نيٽو فورسز جي قيادت ۾ ملڪ وڏي قومي اتحاد مداخلت ڪئي.جنهن جو مقصد سرڪاري فوجين جي حملن کان شھرين جي حفاظت ڪرڻ ٻڌايو ويو هو.ان کان فورن پوء بين الاقوامي فوجداري عدالت 21جون 2011ع ۾ قذافي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪيو.ڪرنل معمر قذافي کي 20 آڪٽومبر 2011ع ۾ طرابلس جي باغي فوجين جي خاتمي کانپوء اقتدار کان بيدخل ڪيو ويو.ان راند جي پهرين قسط جي پڄاڻي 20آڪٽومبر 2011ع ۾ قذافي جي فرار ٿيڻ واري قافلي تي نيٽو جي هوائي حملن ۽ باغي جنگجوئن جي ذريعي انهن جي قتل تي ختم ٿي.ان تبديلي جي نتيجي ۾ باغي فوج ۾ شامل ٿيڻ واري فوجي ميمبر.برگيڊ انقلاب کانپوء جي برگيڊ مليشا ۽ مختلف هٿياربند گروپ جنهن ۾ عام ڪارڪن.شاگرد ۽ ڪافي ٻيا ماڻھو شامل هئا.کان منحرف ٿي ويا.حڪومت جي خلاف جي دوران ٺاھيل هٿياربند گروپ ۽ ٻيا بعد ۾ سيڪيورٽي جي مقصدن جي لاء تيار ٿيا.انهن ۾ ڪي قبائلي بيعت تي مشتمل هئا.ملڪ جي مختلفحصن ۾ قائم ٿيڻ وارا گروپ پنهنجي فردن جو انگ .صلاحيت۽ اثرورسوخ ۾ ڪافي مختلف هئا.اهي هڪ جسم جيان متحد نه هئا.پاسداران برگيڊ .هنرمند ۽ تجربيڪار جنگجوئن ھٿيارن جي اڪثفيت حاصل ڪئي.ڪجھ مليشائون پر تشدد انتها پسند سرگرمين جي شڪل ۾ تيار ٿيون.جيڪي تحفظ فراهم ڪرڻ واري برگيڊ کان مختلف هيون.لبيا جي پهرين گهرو ويڙھ کانپوء تشدد ۾ مختلف گروپ شامل هئا.جن قذافي جي خلاف جنگ وڙھي هئي.ليڪن آڪٽومبر 2011ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تي هنن هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.پوء حڪومت جي وفادار ۽ مخالف قوتن جي وچ ۾ جهڙپون شدت اختيار ڪري ويون.اڳتي هلي ڪري انهن هٿياربندن جي گروپن جي انگ سان منهن ڏيڻ جي لاء قومي وقتي ڪائونسل سمورن هٿياربند گروپن کي وزارت دفاع ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ ۽ متحد ٿيڻ جو مطالبوڪيو.ان ريت ڪافي هٿياربند گروپن کي حڪومت جي طرفان پگهار ملڻ لڳي.ان سان ڪافي هٿياربند گروپن کي قانوني حيثيت ملي.جنهن ۾ جنرل حفتر به شامل هو.جنهن پنهنجي هٿياربند گروپ لبين نيشنل آرمي جي طور تي رجسٽرڊ ڪرايو هو.انهيء دوران 11ڊسمبر 2012ع ۾ القاعده سان لاڳاپيل عڪسريت پسندن بن غازي ۾ امريڪي قونصل خاني تي حملو ڪيو.۽ امريڪي سفير ۽ ٽن ٻين فردن کي ماري ڇڏيو ته اڌ قانوني مليشيائن تي طوفان برپا ٿيو.غير منظور شده مليشائن جد خلاف پڏي پيماني تي حڪومت ڪريڪ ڊائون کانپوء لبيا جي فوج ڪيترن ئي غير قانوني مليشائين جي آفيسن تي ڇاپا ۽ حڪومت کين کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو.جيڪو تشدد نيٺ لبيا جي گهرو ويڙھ جو سبب بڻيو.زٻي گهرو ويڙھ اصل ۾ مخالف گروپن جي وچ ۾ اھا جنگ هئي.جنهن جو مقصد وڌ کان وڌ علائقن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ھو.

اهو جهڳڙو ادوان ۾ موجود گروپن جي وچ ۾ رهيو آھي.ياد رهي ته ان ايون جي ذريعي جيڪا حڪلمت ملي ان کي توبرڪ حڪومت سڏيو وڃي ٿو.جنهن کي 2014ع ۾ نهايت گهٽ ٽرن آئوٽ وارن چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار حوالي ڪيو ويو هو ۽ ان وقت ان کي عامي سطح تي لبيا جي حڪومت جي طور تي تسليم ڪيو ويو هو.ٻي پاسي جي اين اي جو قيام عمل ۾ آيو هو ۽ جنرل نيشنل ڪانگريس جي مخالف اسلام پسند حڪومت ٺھي چڪي هئي.جنهن کي قومي ڇوٽڪاري جي حڪومت ڪوٺيو وڃي ٿوان هوندي ڊسمبر 2015ع انهن ٻنهي ڌزڙن قومي معاهدي جي تحت متحد ٿيڻ تي اصولي طور تي اتفاق ڪري ورتو هو.

جيتوڻيڪ هاڻي لبيا ۾ قومي معاهدي جي تحت قائم ٿيڻ واري حڪومت ڪم ڪري رهي آھي.۽ ان کي اقوام متحده جي حمايت حاصل آھي.ليڪن ان جو اختيار اڃا به چٽوناهي.ڇاڪااڻ ته ڌرين جي لاء قابل قبول تفصيل تي مڪمل اتفاق ناهي ٿيو.اوڀر لبيا جي مضبوط ترين جنرل حفتر لبين آرمي سان وفاداري رکندي هئي.۽ ان کي مصر ۽ عرب امارات جي هوائي حملنجي حمايت حاصل هئي.اولھ لبيا ۾ سڀ کان مضبوط جي اين سي جي اسلام پسند حڪومت 2014ع جي چونڊن وارن نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو هو.۽ ان جي قيادت اخوان المسلمين ڪئي هئي.ان جي حمايت ڪشادي اسلامي ارحاد لبيا ڊان ۽ مليشائن جي نسلي سان ڪئي وئي.جنهن کي قطر.سوڊان۽ترڪي جي مدد حاصل هئي.ان کانسواء ھتي ننڍڙا ننڍڙا دشمن گروپ به آھن.

ان هوندي 2015 ع کانپوء اتي ڪسفي سياسي رواداري قائم ٿي.اقوام متحده ڊسمبر 2019ع ۾ جنگ بندي جي شروعات ڪئي. ۽ اليڪشن مارچ 2016ع ۾ اقوام متحده جي حمايت يافتا نئين اتحادي حجومت جا اڳواڻ طرابلس پهتا.5 اپريل ۾ مغربي لبيا ۾ اسلام پسند حڪومت اعلان ڪيو ته هو پنهنجيون ڪاروايون ختم ڪري رهي آھي ۽ نئين اتحادي حڪومت کي اقتدار حوالي ڪري رهي آھي.پوء 2 جولاء تي مخالف اڳواڻن لبيا جي نيشنل آئل ڪارپوريشن ( اين اوسي) جي اوڀرين مغربي انتظامن کي ٻيھر متحد ڪرڻ جي لاء معاهدو ڪيو.ليڪن جنرل حفتر جي گروپ جا رستا الڳ ٿي ويا.ليڪن بعد ۾ جنرل حفتر جي گروپ ۽ اين اوسيء تيل جي پيداوار ۽ برآمدات جي واڌاري جي لاء ھڪ معاهدو ڪيو ۽ لبيا جا تمام وڏا ٽرمينلز  جنوري2017ع کان ٻيھر ڪم ڪرڻ لڳا.ڊسمبر 2017ع ۾ لبيا جي قومي فوج ٽن سالن جي ويڙھ کانپوء بن ھازي تي حملو ڪري ورتو هو.فيبروري 2019ع ۾ ايل اين سيء ديرنا جي ويڙھ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي.ان کانپوء ايل اين اي اپريل 2019ع ۾ طرابلس تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش تحت وڏو حملو شروع ڪيو.5 جون 2020ع ۾ ايل اين اي گادي جي هنڌ طرابلس سميت سڄي اوڀر لبيا تي قبضو ڪري ورتو.21آگسٽ جي جي اين اي ز۽ ايل اين اي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا.ليڪن ايل اين اي جي فيلڊ مارشل لا خليفي حفتر جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏدو هو.ٻي پاسي آگسٽ 2020ع ملڪ ۾ بدامني ختم ڪرڻ جي لاء طرابلس جي رستن تي احتجاجي مظاهرا ٿيا هئا.

ڪي سياسي تجزيي نگار لبيا جي صورتحال کي شام جي صورتحال سان ڀيٽ ڏين ٿا.ڇوت اتي به عالمي طاقتون رياست جو مستقبل طئي ڪري رهيون آھن.لبيا ۾ پراڪسي جنگ ڪيترن ئي سبب کان شام ۾ ھلندڙ پراڪسي جنگ جو تسلسل لڳي ٿي.ترڪي.قطر ۽ اٽلي ان جنگ ۾ فائز سراج جي عالمي حمايت يافتا لبيائي حڪومت جو ساٿ ڏئي رهي آھي.جنهن جو تخت طرابلس آھي.فائز سراج جي حڪومت فيلڊ مارشل حفتر جي لبيين نيشنل آرمي جو مقابلو ڪري رهي آھي.جنهن جو ڳڙھ اوڀر لبيا جو شھر بن غازي آھي.حفتر کي روس.متحده ارب امارات ۽ مصر جي حمايت حاصل آھي.ان کان علاوه فرانس.جرمني ۽ ڪجه نيٽو جا ميمبر ملڪ لبيا ۾ روسي فوجين جي حمايت ڪري رهيا آهن.جنرل حفتر سان گڏ وڙھڻ وارين روسي فوجين جو تعلق پيوٽن جي ويجهي ساٿي جي گروپ سان آھي.جيڪو شام ۾ به وڙھي چڪو آھي.باوجود ان جي ويجهڙائي ۾ ڪوٺايل برلن ڪانفرنس ۾ اهڙي معاهدي ٿيڻ جو امڪان آھي ته جنهن جي بنياد تي ايندڙ وقت ۾ اتان کان غيرملڪي فوجين جي واپسي شروع ٿيندي.۽ جهڙي ريت ترڪي سان لاڳاپيل فوجيون نڪرنديون .ساڳئي ريت روس سان لاڳاپيل فوجيون به نڪرنديون ۽ اھڙي حالت ۾ اميد ڪري سگهجي ٿي ٿه اتي ڊسمبر ۾ ٿيڻ واريون چونڊون ملڪ ۾ نئين دور جي شروعات جو سبب بڻجنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو