عابد جي ڊبل سينچري، 510 تي ڊڪليئر، ميزبان 52 تي 4 آئوٽ

هراري (ويب ڊيسڪ) ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٻنهي ٽيمن ۾ هڪ  هڪ پليئر کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني آهي. پاڪستان پاران 36 سالن جي تابش خان ٽيسٽ ڪيپ ڏئي فهيم اسرف جي جاءِ تي کيڏايو ويو آهي. ڊوميسٽڪ ۾ تابش 600 وڪيٽون ورتيون پر هن کي  قومي ٽيم ۾ نه کيڏايو ويو. جڏهن ته ميزبان ٽيم ليوڪ جونگوي کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني. هن ون ڊي ۾ بهترين بالنگ ڪئي هئي. پهرين ٽيسٽ پاڪستان هڪ اننگ ۽ 116 رنز تان کٽي هئي. ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز اڳ ۾ ئي پاڪستان کٽي چڪو آهي. عمران بٽ ۽ عابد علي اننگ اوپن ڪئي ته شروعات سلو رهي. 20 بال کيڏي 2 رنز ٺاهي مڊ وڪيٽ تي غير ضروري شاٽ بال کي هٽ ڪندي عمران بٽ رچرڊ جي بال تي ڪيچ ٿيو. ان وقت مجموعي اسڪور 12 هو. جنهن بعد اظهر علي ۽ عابد علي سينچريون مڪمل ڪندي ٻئي وڪيٽ جي پارٽنر شپ ۾ 236 رنز ٺاهيون، اظهر علي بليسنگ موزاراباني جي بال تي ملٽن هٿان 126 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. هن هڪ ڇڪي ۽ 17 چوڪن جي مدد سان 246 بالن تي اهو اسڪور ڪيو. جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم آيو جيڪو8 بالن تي 2 رنز ٺاهي بليسنگ جي بال تي ڪِيون ڪَاسوزا هٿان ڪيچ ٿيو. فواد عالم به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 12 بالن تي 5 رنز ٺاهي بليسنگ جو ٽيون شڪار بڻيو. عابد علي 17 چوڪن جي مدد سان 118 رنز ۽ ساجد خان 16 بالن تي هڪ رن ٺاهي ڪيريز تي موجود آهن. پاڪستان 4 وڪيٽن تي 268 رنز ٺاهي چڪو آهي.

ٻئي ڏينهن راند شروع ٿي ته ٽيم جي ٽرپل سينچري مڪمل ڪرائي ساجد 20 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد رضوان به ڄمي نه سگهيو ۽ حسن علي کاتو ئي نه کولي سگهيو. 341 تي 7 وڪيٽون ڪرڻ بعد عابد علي جو ساٿ ڏين نعمان آيو جن ذميوارانه بيٽنگ ڪئي. عابد علي اٺين وڪيٽ جي 169 رنز جي پارٽنر شپ قائم ڪندي ڪيريئر جي پهرين دبل سينچري مڪمل ڪئي. نعمان 5 چڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 97 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ته 510 رنز تي 8 آئوٽ هئڻ تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. عابد علي 215 تي ناٽ آئوٽ رهيو. جوابي بيٽنگ ڪندي ميزبان ٽيم جا 52 تي 4 رنديگر آئوٽ ٿي ويا.

زمبابوي کي فالو آن کان بچڻ لاءِ 258 رنز گهربل آهن. تابش خان کي پهرين اوور ۾ وڪٽ ملي، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ ساجد خان به هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو