طالبان پنهنجي بقا جي بحران جو شڪار آهن، جو بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آھي تھ طالبان پنهنجي بقا جي بحران جو شڪار آهن، ٻن ڏهاڪن جِي جنگ کانپوءِ افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري ته ٿيڻي هئي، هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته افراتفري بنا امريڪي فوج جي واپسي ڪيئن ممڪن هئي؟، اي بي سي ٽي وي کي انٽر ويو ۾ هن چيو ته امريڪا ۽ اتحادين جي واپسي ۾ طالبان جو سهڪار حاصل آهي، امريڪي شهرين جي واپسي مڪمل ٿيڻ تائين امريڪي فوجي 31 آگسٽ کانپوءِ به افغانستان ۾ رهي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڪيترائي سفارتخانا بند ٿي ويا آھن، آمريڪي شھري بھ نڪري آيا پر جن اسان جي مدد ڪئي انھن کي اُتان کان ڪڍڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو