طالبان پاران پنجشير تي قبضي جي دعويٰ، مخالفن جي ترديد

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد دعويٰ ڪئي آهي ته پنج شير صوبي تي سندن مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو آهي ۽ گورنر هائوس تي به طالبان جو قبضو آهي.

هن چيو ته خدا جو شڪر آهي ته پوري افغانستان تي اسلامي امارات جي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي ۽ افغانستان جنگ جي دلدل مان نڪري آيو آهي. هنن گورنر هائوس جو هڪ فوٽو به شيئر ڪيو آهي جتي هٿياربند طالبان موجود آهن.

Photo Twitter

ٻئي پاسي مزاحمتي محاذ جي ترجمان طالبان جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته مزاحمت جاري آهي ۽ صوبي جي اهم جاين تي سندن ڪنٽرول برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو