طالبان ٻن وڏن شهرن قنڌار ۽ هرات تي به قبضو ڪري ورتو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان جي ڪابل کانپوءِ ٻن وڏن شهرن قنڌار ۽ هرات تي قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي. هڪ هفتي ۾ هو 34 صوبن مان 12 صوبن جي هيڊ ڪوارٽرز تي قبضو ڪري چڪا آهن. قنڌار ڪابل کانپوءِ ٻيو وڏو شهر آهي جيڪو ماضي ۾ طالبان جو ڳڙهه ۽ هيڊ ڪوارٽر رهيو آهي. ڪابل کان قنڌار موٽر وي جي ڳچ حصي تي به طالبان جو قبضو آهي. ڪيترن شهرن ۾ افغان سيڪورٽي فورسز هٿيارن ۽ بڪتر بند گاڏين سميت سرينڊر ڪري طالبان سان ملي چڪا آهن. افغانستان جا فوجي رات جو ڏسڻ واريون عينڪون، هٿيار ۽ بارود طالبان حوالي ڪري رهيا آهن. افغانستان جي حڪومت ڏينهون ڏينهن پنهنجي حيثيت وڃائي رهي آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته 20 سالن ۾ 88 ارب ڊالر جي امداد افغانستان کي ڏني 200 کان وچيڪ جنگي جهاز، 10 هزار ڪمانڊوز سميت پوليس ۽ فوج جو تعداد 3 لک آهي پر فروج مزاحمت کان لنوائي ٿي. جنهن جو اهم سبب ڪرپشن ۽ خوف آهي. فوج ۽ پوليس ۾ اهڙن سپاهين جي پگهار ڪمانڊر وصول ڪري رهيا آهن جيڪي ڀرتي ئي ناهن ٿيا. آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجي شهرين کي نڪري وڇڻ ۽ سفارتخانن جي حفاظت لاءِ فوجي دستا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان مزار شريف، هرات ۽ قنڌار قونصل خانن ۾ عملو محدود ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو