ضلعي انتظاميا دادو جي 7 علائقن کي بند ڪرڻ جو اعلان

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)دادو ۾ ڪرونا جي خطرناڪ صورتحال بعد ضلعي انتظاميا دادو جي 7 علائقن کي مڪمل بند ڪرڻ جو پوليس کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي ڊي سي دادو سميع الله نثار شيخ پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ دادو شھر جا مک ڪاروباري علائقا مڪمل بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ شامل شاھي بازار، مين چونڪ، اسٽيشن روڊ، موبائيل مارڪيٽ، ملاح چونڪ، چاندني چونڪ وارا علائقا شامل آهن واضع رهي ته گذريل رات ايڊمن سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس سيوهڻ شريف پاران سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي ڪرونا وبا کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ آگاهي ڏيندي چيو ته سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ هن وقت ڪرونا جا مريض وڌي وڃڻ سبب اسپتال اندر آئسوليشن وارڊ ۾ وڌيڪ ڪرونا جا مريض نه ٿا رکي سگهون ان لاءِ دادو ضلعي جي ٻهراڙين توڙي شهرين کي اپيل ڪئي ته وڌ کان وڌ احتياط ڪيو ۽ دادو انتظاميا کي به خبردار ڪيو ته اسان دادو توڙي ان جي آس پاس جي علائقن مان ڪرونا جو مريض پاڻ وٽ نه ٿا رکي سگهون هاڻي ته اسان به ڪرونا جا ڪيس ڄام شورو حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو سوچيو آهي اهڙي پوزيشن کي نظر ۾ رکندي دادو ۾ ڪجهه ڪاروباري علائقن کي بند ڪيو ويو آهي.جڏنھن ته دادو انتظاميا جي حڪم تي عمل نه ٿيو.شھر ۾ دڪان ۽ بازارون اڪثر کليل نظر آيون ۽ ماڻھن جي به عيد جي موقعي تي رش برقرار رھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو