صوفي راڳي موٽڻ شاهه اسپتال داخل، مدد جي اپيل

سکر(جیرام داس ) سنڌ جي ڀلوڙ صوفي راڳي موٽڻ شاهه جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن ڪري کيس سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آهي. شگر ۽ فالج جي مرض سبب راڳي موٽڻ شاهه ڳالهائڻ توڙي اُٿڻ ويهڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويو آهي. موٽڻ شاهه ٽن سالن کان شگر ۽ فالج جي مرض سان جهيڙي رهيو آهي، غريب هجڻ ڪري هو پنهنجو علاج به نٿو ڪرائي سگهي. سندس پُٽ سيد محبوب شاهه ثقافت کاتي سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته صوفي راڳي موٽڻ شاهه جي طبيعت ٻيهر بِگڙي وئي آهي، کيس سول اسپتال سکر ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، والد جي علاج لاءِ هُنن الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي. وڌيڪ علاج ڪرائڻ لاءِ وٽن ڪجهه به نه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو