صفائي ڪرڻ واري سونهن راڻي بڻجي وئي

رباط (م ڊ) مراڪش ۾ صفائي ڪرڻ جي پيشي سان واڳيل 22 سالن جي ناري ”سونهن راڻي“ بڻجي وئي. عرب ٽي وي موجب مراڪش ۾ ماحوليات ۽ سروسز گروپ اوزون جي انتظام هيٺ سونهن جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي صفائي ڪندڙ نارين شرڪت ڪئي. 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صفائي ڪندڙ عورت “حسنا فردوس” اهو مقابلو کٽي “سونهن راڻي” جو اعزاز حاصل ڪيو. مراڪش جي گاديءَ واري هنڌ رباط ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران حسنا فردوس جي سونهن راڻي طور تاج پوشي ڪئي وئي. تقريب ۾ مراڪش جي اهم سياسي ۽ ثقافتي شخصيتن به شرڪت ڪئي. سونهن راڻي جو اعزاز ماڻيندڙ صفائي ڪرڻ واري عورت حسنا فردوس جو چوڻ آهي ته اهو لقب صفائي جو ڪم ڪندڙ سمورين نارين لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته صفائي سٿرائي جو ڪم ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو