صفائي عملو احتجاج تي، شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو

محرابپور (مجاهد علي سامٽيو) صفائي ڪندڙ عملي ۽ ٽائون ڪميٽي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي احتجاج سبب شهر جي مک چوڪن، ڪاروباري علائقن، مسجدن، امام بارگاهن، اسڪولن آڏو گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي. اڄ ٽائون ڪميٽي جي صفائي ڪندڙ عملي پاران پگهارون ۽ مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاجن ٽائون چيئرمين آفيس آڏو گند اڇلائي انوکو احتجاج ڪيو. شهر اندر ملازمن جي احتجاج سبب ۽ جمعي جي ڏينهن مسجدن، امام بارگاهن آڏو پاڻي بيهڻ ڪري جمعي جون نمازون پڙهڻ ۾ شهرين کي سخت تڪليف ۽ پريشاني کان منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته دڪانن آڏو گندو پاڻي بيهڻ ڪري ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي. ٽائون ملازمن اختر شيخ، جاويد پريمي، الهه ورايو ملاح، امان الله سومرو، شوڪت مڱڻهار، اقبال گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فردوس چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪئي. بک هڙتال ۾ اڳوڻي يوسي ناظم منور بيگ مغل، پي پي اڳواڻ ڪامريڊ آفتاب ملاح، ن ليگ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، پي پي شهيد ڀٽو، جسقم سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ اچي ملازمن سان يڪجهتي طور حصو ورتو. ان موقعي تي شهري ايڪشن ڪميٽي، دڪاندار يونين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن منور بيگ مغل، آفتاب ملاح، لياقت کوسو، شوڪت مڱڻهار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري غريب ملازم فاڪا ڪشي لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن گذريل چئن سالن ۾ سوا ارب کان وڌيڪ بجيٽ اچڻ باوجود شهر اندر ترقياتي ڪم ته ٺهيو پر ماهوار غريب ٻچڙي وال ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ سبب سوين خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ، فاڪاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته چيئرمين فاروق لوڌي ۽ سندس ٽائون آفيسر خلاف مسلسل احتجاج ڪيا آهن پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي جي هڪ ملازم شوڪت مڱڻهار دل جي تڪليف سبب بيهوش ٿي ويو. جڏهن ته ملازمن سان يڪجهتي طور شهري ايڪشن ڪميٽي، دڪاندار ايڪشن ڪميٽي پاران سڀاڻي ڇنڇر جي ڏينهن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال جو اعلان پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو